امام حسين عليه السلام جو فڪر ڪنھن ھڪ گروہ سان منسلڪ نٿو ڪري سگهجي، حُسينيت ھڪ انسانيت لاءِ جتي جتي فڪر انگيز پيغام آھي، اتي ھڪ سبق آموز ڪهاڻي آهي انھن سڀني پھلوئن کان جتي ڏاڍ ۽ جبر ڪوڙ ٺڳي پنهنجيون ھٿ ٺوڪيون ڳالھيون چونڊي چونڊي ڪڍي ظاھر ڪيون وڃن ۽ حق سچ کي گم ڪري ڇڏجي، من گھڙت فڪرن جي سامهون عظيم ترين فتح نبي صلي الله عليه وسلم جي شھزادن جي سوڀ کي نفاق ۽ نفرتن جي ترازو ۾ وجھي ڪنھن ذاتي مفادن خاطر استعمال ڪئي وڃي، وري انھن کي فرقي واريت جي نظر ڪري امت مسلمه کي زھر آلودہ ڪيو وڃي. ھونئن به فتنن ۾ وڏو فتنو نفرت آھي جنهن کان ھڪ مومن پنھنجو پلاند صاف رکڻ جي ڪندو آهي، ھر ممڪن طور، پر وحشياڻي سوچ جتي وڏا ناسور ڇڏيا آھن جنھن کي محبتن جي مرهم سان ھميشه صوفياءِ ڪرامن پنهنجي لاجواب محبتن واري فلسفي سان علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، پر ڪاميابي سان گڏ رڪاوٽون وجهڻ لاءِ ھي سماج گھٽ نٿو ڪري، اسان جون ريتون رسمون اچي انھيءَ دنگ تي پھچي چڪيون آهن جتي خوامخواه ڪنھن کي چِڙ ڏيارڻ سان ئي اسان کي سڪون ۽ راحت ملي سگھي ٿي اھو فھم فقط فتني وارن جو آخري ھٿيار طور استعمال ٿيندو رھيو آھي، پر امام حسين عليه السلام ته ڏوھٽو آھي ان ھستيءَ جو جنھن فتح مڪه جي وقت اھڙا فيصلا ڪيا جو دنيا اڄ به انھن تي ويچارڻ لڳي آھي ته اھڙو رھبر، بيشڪ ڪڏھن ته پاڻ محبوبِ خدا ھئا جن جي برداشت قابل ذڪر ھئي، ھي به انھن جا ٻچڙا ھئا اھا ٻي ڳالھ آهي ته اسان دل ۽ جان سان اقتدار ۽ آسائشون وڌيڪ پسند ڪندا آهيون برعڪس قرباني جي ۽ ھميشه عوام ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ وارن ماڻھن کي مڪمل ھيسائڻ لاءِ ھر طرح جا حربا پوءِ دنياوي الزامن کان وٺي مذھبي چڪرن جي دائري ۾ آڻي ان کي چيڀاٽي ھڪ طرف ڪرڻ جي ڪئي ٿي وڃي. سڀ تاريخون ۽ سَنَدوُن لڪائڻ جي باوجود ھڪ طرف ھزارن جي تعداد ۾ لشڪرِ يزيد ٻئي طرف ٻاھتر جو انگ، ڏسو الله سائين جي حڪمت اڄ به ٻاھتر جو انگ انسانن جي دلين تي راج پيو ڪري انھن ھزار ھا لشڪرن جي سامھون، تاريخ ۾ ايندو ته فرعون، شهزاد ۽ نمرود پنهنجي وڏن لشڪرن ۽ خزانن جي ھوندين به حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ موسي عليه السلام جيڪي الله جي فضل کان سواءِ انھن وٽ ٻيو ڪجھه به ڪو نه ھو پر اُھي ئي غالب رھيا اڄ تائين انھن جو ذڪر خير ۽ عزت سان ورتو ٿو وڃي ٻئي طرف وارن کي ظالم ۽ جابر سڏيو پيو وڃي. اھڙي ريت امام حسين عليه السلام ظاھري طرح ته اڪيلا ھئا مال اسباب ۽ جنگ جي ضرورتن مطابق پر انھن جو فڪر ۽ حوصلو ايڏو ته وڏو ھو جيڪو اڄ به ڏيکاو ٿو ڏئي ھڪ مظلوم جي روپ ۾، ھڪ ظالم ۽ ڪوڙ دوکي باز جي سامھون سڀني زخمن ۽ ناسورن باوجود علامت بڻجيو وڃي ٿو سچ ۽ حق جي بس حسينيت ھڪ حوصلو آھي، ھڪ سچ آھي، ھڪ فڪر آھي، ھڪ فلسفو آھي جنهن جي پويان تعليم ۽ تربيتِ محمدي آھي بس ان کي فقط ان حيثيت سان ڏٺو ۽ سڃاتو وڃي.