ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائن (پي آءِ اي) آمريڪي فوجين جي واپسي ۽ طالبان جي تيز اڳڀرائي سبب افغانستان ۾ ڦاٿل پرڏيهين کي ڪڍڻ لاءِ خاص آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب پي آءِ اي جو هڪ بوئنگ 777 جهاز اڄ صبح 11 وڳي، جڏهن ته هڪ ايئر بس صبح 9 وڳي اسلام آباد کان ڪابل پهتي، ان آپريشن دوران پرڏيهين ۽ مختلف ملڪن جي ڪمپنين جي ڦاٿل ورڪرز کي ڪابل مان ڪڍيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف ملڪن پي آءِ اي کي خاص آپريشن شروع ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي پي آءِ اي افغانستان لاءِ خاص اڏامن جو فيصلو ڪيو.
مسافرن جي لوڊ کي ڏسندي پي آءِ اي افغان سول ايوي ايشن اختيارين کان واڌو اڏامن جي اجازت به ورتي آهي.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
1
+1