اسان مان گهڻن ماڻهن سان اڪثر ڪري ائين ٿيندو آھي تہ ڪيتريون ئي ڪم جون شيون يا ڪم وارا فرد پنھنجي آسپاس موجود ھئڻ باوجود اسان جي نظرن کان اوجهل ھوندا آھن ۽ تڏھن پنھنجي اڻڄاڻائي ۽ ناواقفڪاريءَ تي ڏاڍو افسوس ٿيندو آھي جڏھن اھڙين شين ۽ فردن جو اسان جي ئي دسترس يا حلقي ۾ ھجڻ جو ڪنھن ٻئي وٽان پتو پوندو آھي . ان مھل عجيب ڪشمڪش ۾ ھوندا آھيون تہ ھھڙي دريافت تي خوش ٿجي يا ڳچ عرصي تائين پاڻ کان انهن شين يا فردن جي اوجهل رھڻ تي افسوس ڪجي.
ھڪ صحافيءَ جي حيثييت سان جڏھن بہ مان خبر جي ڳولا خاص ڪري منفرد موضوعن ۽ معاشري ۾ موجود نمايان ڪردارن جي ڳولا ۾ نڪرندو آھيان تہ حيرانگيءَ جي حد ناھي ھوندي ڇاڪاڻ تہ منھنجي جيجل سنڌ جي چپي چپي تي اکيون ٿڌيون ڪندڙ نظارا ۽ پنھنجي قول ۽ فعل سان دلين ۾ گهر ڪندڙ انيڪ ڪردار موجود آھن. باوجود ان جي منھنجي من ۾ ھميشہ ھڪ جستجو زندہ رھندي آھي تہ اڃا ڪجهہ ٻيو ھجي، اڃا ڪجهہ نويڪلو ھجي، اڃا ڪجهہ بھترين ھجي.
انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهہ ڏينھن پھرين پنھنجي ھڪ دوست سان پنھنجي تر ۾ موجود سنڌي ٽئلنٽَ متعلق جڏھن ڳالهہ ٻولهہ ٿي تہ ان ٻين ڪيترن نالن سان گڏ ثناءٌالله مڱڻيجي صارم جو نالو پڻ کنيو جنھن کان مان اڳ ۾ ٿورڙو واقف تہ ھيس پر سنڌي ٻوليءَ خاص ڪري سنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ ٺاھيل سندس سوين فونٽس بابت ڄاڻ نہ ھئي حالانڪہ ”صارم فونٽس“ ڪافي وقت کان استعمال تہ ڪندا رھندا آھيون پر اھا خبر نہ ھئي تہ صارم سنڌي فونٽس ٺاھيندڙ اصل ۾ ثناءُاللھ مڱڻيجو ئي آھي. بھر حال سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاھر رھندڙ لکين سنڌي جيڪي ڪمپيوٽر تي سنڌي فونٽس استعمال ڪندا آھن سي صارم جي نالي کان چڱيءَ ريت واقف ھوندا ڇا ڪاڻ تہ ھُو سنڌي ٻوليءَ جا سڀ کان وڌيڪ فونٽس ٺاھڻ وارو نوجوان آھي . صارم منھنجي سون ورني سنڌ جو ھڪ اھڙو انمول ماڻڪ آھي جنھن اڪيلي سر ٻہ ٽي سؤ خوبصورت فونٽس ٺاھي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي سونھن ۾ سوين چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن. سندس سنڌي فونٽس ۾ ھر قسم جا ٽائپوگرافڪ فونٽس، ھيڊنگ ، ڪئلي گرافڪ ۽ فينسي فونٽس سميت ڪيترائي ھٿ اکري نمونا پڻ موجود آھن.
سنڌي اخبارون ھجن يا سنڌي چينل، سنڌي پبليڪيشنس ھجن يا سنڌي ويبسائيٽون مطلب تہ سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪا اھڙي سافٽ يا ھارڊ صنف ناھي جنھن ۾ صارم جا سنڌي فونٽس استعمال نہ ڪيا ويندا ھجن.
ثناءُاللھ مڱڻيجو صارم 2008ع ۾ فونٽس ٺاھڻ جي شروعات ڪئي ۽ ڪيترائي ڀيرا فونٽس عوض پئسن جي آڇ ٿيڻ باوجود سمورا فونٽس سنڌين لاءِ مفت ۾ آنلائن مھيا ڪيائين. سندس فونٽس جي نالن مان سنڌ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي وسندين،ڳوٺن،شھرن توڙي امر ڪردارن سان بيشمار محبت صاف نظر ايندي آھي. ڇاڪاڻ تہ سندس فونٽس جا نالا سنڌ توڙي ھند ۾ رھندڙ سنڌي ٻوليءَ جي برک اديبن، دانشورن، محققن، شاعرن، جديد سنڌي ڪميپيوٽنگ جي محنتي ڪردارن سان گڏ و گڏ سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شھرن جي نالن جي پٺيان رکيا ويا آھن. تازو ئي ھن ڪمپيوٽيشنل لِنگوِسٽ امر فياض ٻرڙو، ماھرِ لسانيات ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو، مشھور سفرنامہ نگار الطاف شيخ، ماھر لسانيات انجينيئر عبدالوھاب سھتو، محقق نور احمد سنڌي، اسلامي اسڪالر مرحوم پروفيسر اسرار احمد علوي، محقق ڊاڪٽر احسان دانش، ھندستان ۾ رھندڙ سنڌ ڄائي ليکڪہ وينا شرنگي، ھندستاني سنڌي محقق ڊاڪٽر روشن گولاڻي ۽ محقق ۽ ڪرونالاجسٽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سميت ڪيترن ئي ٻين ادبين، دانشورن ۽ مذھبي شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪندي سندن نالن سان گهڻ ٻوليائتي سپورٽ رکندڙ نوان فونٽس پنھنجي ويبسائيٽ تي جاري ڪيا آھن ۽ مستقبل ۾ پڻ وڌيڪ اھڙا فونٽس جاري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. سندس فونٽس جي باري ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي سرواڻ عبدالماجد ڀرڳڙي موجب ”صارم جي سنڌي فونٽ سان سنڌي ٻولي فونٽس جي اعتبار سان ڏکڻ ايشيا جي شاھوڪار ترين ٻولي بڻجي وئي آھي.“ يقيناً علائقائي ٻولين ۾ سنڌي ٻوليءَ کان وڌيڪ فونٽس ڪنھن بہ ٻوليءَ ۾ موجود ناھن.
صارم جا فونٽ نہ صرف تعداد جي لحاظ کان سنڌي ڪمپيوٽنگ کي شاھوڪار بڻائين ٿا پر ٻين ڪيترين ڳالهين ۾ سندس فونٽس ڪٿي ڪٿي عربي، فارسي يا اردو ٻوليءَ کان پڻ نمايان آھن ڇاڪاڻ تہ عربي لپيءَ ۾ سڀ کان پھريون مڪمل بليڊنگ فونٽ پڻ صارم سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٺاھيو. ان کان علاوہ صارم اقرا نالي سان ھڪ فونٽ مڪمل طور تي ۽ ھر لحاظ کان سنڌي ٽيڪسٽ بڪس لاءِ انتھائي موزون فونٽ آھي ڇاڪاڻ تہ سندس مذڪورہ فونٽ ۾”ھ“ جون سفارش ڪيل شڪليون موجود آھن. ان کان علاوہ حرڪتون يعني زير، زبر، پيش وغيرہ پڻ مقرر جڳھين تي ھجڻ سان لفظن جي ھِجي لکڻ پڻ انتھائي آسان بڻجي وئي آھي. ان سان گڏ صارم تازو ھڪ سنڌي ٻوليءَ جو اھڙو ڪيبورڊ جاري ڪيو آھي جنھن سان ڪيبورڊ تبديل ڪرڻ کان سواءِ ئي سنڌي ۽ عربي ٻولي مڪمل لکي سگهجي ٿي. صارم جھڙا نوجوان سچ پچ سنڌ ڌرتيءَ جو عظيم سرمايو آھن جيڪي بي لوڀ انداز سان پنھنجي مٺڙي ٻوليءَ جي وس آھر خدمت ڪرڻ ۾ مصروف رھن ٿا. ھھڙن نوجوانن جي بدولت پنھنجي سنڌي ٻولي ڪمپيوٽنگ ۾ عموماً ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ خصوصاً اوچي ڳاٽ سان موجود آھي.
سندس فونٽس https://sindhifonts.com/ تان ڊائونلڊي سگهجن ٿا.