اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم)ڪجهه وقت ماٺي ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر طاقت وٺڻ لڳي.
پي ڊي ايم جو مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کانسواءِ مسلم ليگ ن جي وفد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته نواز شريف ۽ مريم نواز وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.
اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان چيو ته جعلي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، ملڪ تي اليڪشن چور سليڪٽڊ حڪومت مڙهيل آهي، قومي احتساب بيورو (نيب) ۽ وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) سياسي ادارا بڻجي چڪا آهن ۽ اپوزيشن خلاف سياسي انتقام جي لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن.
هن چيو ته موجوده حڪومت مهانگائي، بيروزگاري ۽ ظلم جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان کي ويهڻ جي اجازت ملڻ سان ملڪي فائدن سميت ملڪي وقار به تباهه ٿيو، نااهل حڪمرانن جي ڪري پاڪستان عالمي اڪيلائي جو شڪار آهي، بائيڊن انهن ڏي فون ڪري نٿو ۽ مودي انهن جي فون ٻڌي نٿو.
سندس چوڻ هو ته 21 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، ان کانپوءِ 28 آگسٽ تي ڪراچي ۾ سربراهي اجلاس ٿيندو ۽ 29 آگسٽ تي ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جو جلسو ٿيندو.
ن ليگ صدر شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني چاهيون ٿا، نواز شريف جي صحت تي سياست ڪرڻ ڪريل حرڪت آهي، اهو علاج ڪرائڻ کان سواءِ پاڪستان نه ايندو،گاڏي سستي ۽ ماني مهانگي ٿي وئي آهي، کير ۽ کنڊ سميت عام واهپي جون شيون عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويون آهن، پاڪستان هن وقت عالمي اڪيلائي جو شڪار ٿي چڪو آهي، پي ڊي ايم ۽ ن ليگ آزاد ۽ شفاف چونڊون چاهين ٿا.