ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ 19 آگسٽ تائين اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
تعليم بابت صوبائي وزير سيد سردار شاهه صوبائي وزير اسماعيل راهو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 19 آگسٽ تائين صوبي ۾ اسڪول بند رهندا ڇو جو 7 محرم الحرام کان جلوس شروع ٿيندا جنهن سبب ٻارن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
سيد سردار شاهه ٻڌايو ته 10 آگسٽ کان انٽر جا رهيل امتحان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، استاد ۽ اسٽاف جي ويڪسينيشن تي به نظر رکي ويندي.
هن چيو ته اسان اڃ تائين ريڊيو جا معجزا پڙهائي رهيا هئاسين، اسان کي پنهنجي نصاب تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، اسڪول جو نظام ڪبو ته والدين ٻارن کي سرڪاري اسڪول ئي آڻيندا.
يونيورسٽيز ۽ بورڊز بابت صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته بورڊز جو نئون شيڊيول جوڙينداسين.
هنن چيو ته امتحانن ۾ ڪاپي جي اجازت نه هوندي، پرچو آئوٽ ٿيڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، بورڊز به سرڪيولر جاري ڪندي ته سختي ڪئي ويندي.