لاھور (ڊيسڪ رپورٽ) لاھور جي علائقي ڊفينس بي جي گھر مان ماڊل ناياب جو لاش ھٿ آيو آھي، پوليس موجب ڊفينس جي علائقي فيز فائيو ۾ گھر مان ماڊل ناياب جو لاش برآمد ٿيو آھي، 29 ورھين جي ماڊل کي ڳلو دٻائي قتل ڪيوويو، مقتولا غير شادي شدا ھئي، پوليس جو چوڻ آھي تھ اڻڄاتل جوابدارن ناياب کي تشدد جو نشانو بھ بڻايو، مقتولا ناياب جي ويڳي ڀاءُ جي مدعيت ۾ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، پوليس جو چوڻ آھي تھ فريادي محمد علي موجب ڀيڻ جي گھر ويس تھ لاش زمين تي پيل ھو، ماڊل ناياب گھر ۾ اڪيلي رھندي ھئي ۽ گھر جي باٿ روم جي حالت بھ ڀڃ ڊاھ بڻيل ھئي