ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا هانياعامر سوشل ميڊيا تي پنهنجي چاهيندڙن لاءِ مقصد جوڳو پيغام جاري ڪيو آهي.
هانيا عام فوٽو ۽ ويڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ کيس ورزش ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
انسٽاگرام تي شيئر ڪيل ويڊيو ۾ هانيا عامر سان گڏ سندس دوست ۽ اداڪارا مريم انصاري به موجود آهي، جيڪا ورزش ۾ هن جي مدد ڪري رهي آهي.
هانيا عامر پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته زندگي ڏکي ٿي سگهي ٿي پر توهان کي هار ناهي مڃڻي ۽ نه ئي ان کي پنهنجي مٿان حاوي ڪرڻو آهي.
اداڪارا لکيو ته توهان پاڻ کي اهڙن ماڻهن سان گڏ رکو، جيڪي توهان کي ڏکيائين مان ڪڍڻ ۽ اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪن، اهڙن ماڻهن سان رهو، جيڪي توهان سان محبت ڪن ٿا.
آخر ۾ هن لکيو ته هيءَ تعريفي پوسٽ منهنجي دوست مريم انصاري لاءِ آهي.