ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نادرا جي چيئرمين طارق ملڪ چيو آهي ته 10 سيڪڙو غير رجسٽرڊ عورتن جو فرق ختم ڪرڻ لاءِ نادرا هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهيو آهي، رجسٽريشن آفيسن ۾ جمعي جي ڏينهن کي عورتن جي رجسٽريشن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي.
پاڪستان اليڪشن ڪميشن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي طارق ملڪ چيو ته نادرا غلطين کان پاڪ ۽ شفاف چونڊ فهرستون ٺاهڻ ۾ هر ممڪن سهڪار ڪندو.
نادرا چيئرمين چيو ته جمعي کي مختص ڪيل 258 نادرا آفيسن ۾ رڳو عورتن جي رجسٽريشن ڪئي ويندي، عورتن کي رجسٽريشن ۾ پهريون سڃاڻپ ڪارڊ مفت فراهم ڪيو ويندو، سڄي ملڪ ۾ موجود 688 نادرا رجسٽريشن آفيسن ۾ عورتن جي لاءِ ون ونڊو ڪائونٽر قائم ڪيا ويندا.
طارق ملڪ چيو ته عورتن جي رجسٽريشن لاءِ نادرا موبائيل رجسٽريشن وينز جي انگ ۾ به واڌ ڪئي ويندي.