تنگواڻي/جونگل/جمال شاھ (نمائندن وٽان) تنگواڻي ويجهو ڳوٺ کنڊو نندواڻي ۾ 4 سالن جي نينگري صنم ڌيءُ اسلم نندواڻي ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، هوڏانهن ڳوٺ خان محمد گجراڻي ٻن ورهين جي جيجل ڌيءُ قربان گجراڻي ارڙي وگهي حياتي وڃائي ويٺي. ڳوٺاڻن موجب ڳوٺ ۾ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي وبا ۾ مبتلا آهن پر صحت کاتي جي عملسدارن ڪو به نوٽيس ناهي ورتو. جونگل ويجهو ڳوٺ ڇٽو ڊول ۾ 4 ورھين جي حميرا ڊول کي ارڙي وگھي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ھن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته متاثر ڳوٺ ۾ ڪيترائي ٻارڙا بيماري ۾ مبتلا آهن. جمال شاهه ويجهو ڳوٺ رحمت الله گھلو ۾ نظير حسين گھلو جي 2 سالن جي نينگري راشده ۽ مريد گھلو جو ٻن سالن جو پٽ شير محمد فوت ٿي ويا، وارثن جو چوڻ آهي ته غربت سبب هنن وس آهر علاج ڪرايو پر ٻار بچي نه سگهيا، جڏهن ته صحت کاتي جون ٽيمون به علائقي ۾ نه پهتيون.