آبادي جو عالمي ڏينھن، جيڪو تيزي سان وڌندڙ آبادي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن جي فوري حل ۽ ان جي اھميت تي زور ڏئي ٿو ۽ پوري دنيا کي ان سنگين مسئلي طرف ڌيان ڇڪائڻ ڪرڻ لاءِ متوجھ پڻ ڪري ٿو. 11 جولاءِ 1987 تي دنيا جي آبادي 5 ارب جو انگ پار ڪرڻ تي گڏيل قومن طرفان پھريون دفعو عالمي طور آبادي جو ڏھاڙو ملھايو. بعد ۾ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جي گورننگ ڪائونسل ۾ ان جي تشڪيل ڪئي ويئي. ڊسمبر 1990 ۾ گڏيل قومن جي ٺهراءَ نمبر 45/216 جي ذريعي جنرل اسيمبلي مان ٺھراءُ پاس ڪري آبادي جي مسئلي کي بھتر نموني اجاگر ڪرڻ لاءِ مستقل بنيادن تي آبادي جو عالمي ڏھاڙو 11 جولاءِ تي ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنھن مطابق پوري دنيا سميت پاڪستان پڻ تيز رفتار ۽ بي ترتيب طور وڌندڙ آبادي جي مسئلي کي اجاگر ڪندو آھي. عالمي آبادي جو ڏھاڙو جي ملھائڻ جو مقصد ئي ماڻهن جو ڌيان آبادي جي مسئلن تي مرڪوز ڪرڻ ۽ ان جي مجموعي اثرن جي واڌاري، منصوبن ۽ پروگرامن تي عمل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ آهي، هي ڏينهن آبادي جي مسئلن جي تڪميل ۽ اهميت تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ هوندو آهي.
عالمي دنيا جتي ٻين سنگين معاملن ۽ مسئلن ۾ جڪڙيل آھي، اتي تيزي سان وڌندڙ آبادي پڻ ھڪ ڳنڀير مسئلو بڻجندو ٿو وڃي. جنھن سبب انيڪ ٻيا مسئلا پڻ جنم وٺي رھيا آھن. سرسري جائزو وٺندي جيڪر دنيا جي ھن وقت آبادي تي نظر وجھنداسين تھ پتو پوي ٿو تھ انگ پوڻا اَٺ ارب کي ڪراس ڪري چڪو آھي جنھن ۾ ھفتيوار 15 لک کان وڌيڪ ٻارن جو اضافو ٿي رھيو آھي. ھڪ منٽ جي اندر 267 ٻار پيدا ٿي رھيا آھن، جڏھن تھ 108 ماڻھو موت جو شڪار ٿي رھيا آھن ۽ مجموعي طور تي ھڪ منٽ ۾ 159 ٻارن جو تعداد دنيا جي آبادي ۾ شامل ٿي رھيو آھي. عالمي دنيا وانگي وڌندڙ آبادي اسان جي ملڪ پاڪستان جي لاءِ انيڪ مسئلا پيدا ڪري رھي آھي، ڇاڪاڻ پاڪستان دنيا جو ڇھون نمبر وڌيڪ آبادي وارو ملڪ آھي. 18-2017 واري آدمشماري جي انگن اکرن مطابق پاڪستان جي ھن وقت آبادي 207 ملين (20 ڪروڙ، 7 لک) آھي، ۽ اھو انگ ھاڻ گروٿ ريٽ جي حساب سان 20.5 ملين کي ڪراس ڪري چيڪو آھي ۽ ان ۾ ڏينھون ڏينھن تيزي سان اضافو ٿي رھيو آھي، جنھن تي ضابطي لاءِ قومي سطح تي قدم کڻڻ جي اشد ضرورت آھي.
تيزي سان وڌندڙ دنياوي آبادي تي ڪم ڪرڻ لاءِ UNFPA، (گڏيل قومن جو پاپوليشن فنڊ)، جيڪو هڪ بين الاقوامي ترقياتي ادارو آهي جيڪو هر عورت ، مرد ۽ ٻار جي صحت، زندگي ۽ مساوات جي موقعن مان لطف اندوز ٿيڻ جي لاءِ سندن حقن کي اجاگر ڪري ٿو ۽ ترقي وٺائڻ لاءِ مدد فراھم ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تھ پائيدار ترقي ، توليد واري صحت ۽ صنفي مساوات جي وچ ۾ ويجهو لاڳاپا آهن. گڏيل قومن جي پاپوليشن ڊويزن، آدمشماري جي ڪم جي پروگرام تي عملدرآمد ۽ آبادي ۽ ترقي جي بين الاقوامي ڪانفرنس جي پيروي ۾ گڏيل قومن جي نظام جي ادارن، فنڊن، پروگرامن ۽ ادارن سان ڀرپور تعاون ڪري ٿي. گڏيل قومن جا مشن، قومي حڪومتون، آفيسون، گڏيل قومن جون آفيسون، محقق ، ميڊيا جا نمائندا ۽ عوام آبادي جي اندازن ۽ پيشنامي جي حوالي سان پاپوليشن ڊويزن کان آبادي ۽ ترقي جي معاملن تي معلومات ۽ تجزيو وٺن ٿا ۽ باقاعده مشورو ڪن ٿا. پاپوليشن ڊويزن جي 38 ھين سيشن جي دوران، شمارياتي ڪميشن گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن کي گذارش ڪئي تھ اداري جي فني صلاحيت وڌائي وڃي تھ جيئن ڪارگر نموني مقصد جي پورائي لاءِ سموري سگهھ ۽ وسيلن سان ڪم ڪري سگھجي.
گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن وانگي پاڪستان پڻ انھن سڀني اصولن کي مدنظر رکندي خانداني منصوبابندي بابت پنھنجون ڪوششون ڪري رھيو آھي تھ جيئن بي ترتيب ۽ ناھموار رٿابندي سان وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻي بھتر منصوبابندي تحت خانداني منصوبابندي متعلق جوڳا اُپاءُ وٺي سگھجن. مٿي ذڪر ڪيل سمورن مسئلن جو حل اھو آھي تھ اسان قومي توڙي صوبائي سطح تي خانداني منصوبابندي بابت ممڪن قدم کڻون بھتر خانداني منصوبابندي ڪري تيزي سان وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻي پنھنجو مستقبل محفوظ ڪري سگھون ٿا. بھتر خانداني منصوبابندي جون سھوليتون استعمال ڪري اسين پنھنجي خاندان جي واڌ ويجهھ ۾ بھتر وقفو ڪري پنھنجي ٻارن جي صحت، تعليم ۽ غذا جو بھتر نموني خيال رکي ان جو مستقبل سنواري ھڪ صحتمند ۽ جاندار معاشرو پيدا ڪري سگھون ٿا.