اسلام آباد (م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) خيبرپختونخواهه افغانستان کي کنڊ برآمد ڪرڻ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. پڌرائي موجب جاچ افغانستان کنڊ برآمد ڪرڻ سان قومي ناڻي کي نقصان رسائڻ جي شڪايت شروع ڪئي وئي آهي. نيب خيبرپختونخواهه ڪسٽمز کاتي کان 27 مئي تي تفصيل به طلب ڪري ورتا، جنهن ۾ شگر ملن جي پرمٽ، ڊيڪليريشن فارم، لوڊنگ بلز، ڪسٽم رسيدن سميت سمورو رڪارڊ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيب افغانستان موڪليل کنڊ جي ٽرڪن جا تفصيل به طلب ڪيا، جيئن نقصان جو اندازو هڻي سگهجي.