اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي ڪابينا ايندڙ مالي سال 2021-22ع جي 3 هزار 154 ارب رپين جي خساري واري بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايندڙ مالي سال دوران صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت 3 هزار 527 ارب رپيا جاري ٿيندا، بجيٽ ۾ 1400 ارب کان وڌيڪ جا نوان ٽيڪس لڳندا تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 2021-22ع، سال 2022-23 ۽ سال 2023-24ع جي بجيٽ حڪمت عملي جي انگن اکرن جي منظوري ڏني وئي، وفاقي ڪابينا پاران منظور ڪيل بجيٽ حڪمت عملي جي دستاويزن مطابق وفاقي ڪابينا ايندڙ مالي سال 2021-22ع جي وفاقي بجيٽ جو ڪل حجم 8 هزار ارب کان وڌيڪ رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ 3 هزار 154 ارب رپين جي خساري جي بجيٽ هوندي، ملڪ جي ڪل آمدني 7 هزار 989 ارب هوندي، جنهن مان اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي 3 هزار 527 ارب رپيا جاري ٿيندا، جنهن کان پوءِ وفاقي حڪومت وٽ ڪل 4 هزار 462 ارب رپيا باقي بچندا، جڏهن ته ايندڙ مالي سال 2021-22ع دوران وفاقي حڪومت جي خرچن جو تخمينو 8 هزار 56 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، ائين ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ 3 هزار 594 ارب رپين جي خساري جي بجيٽ هوندي، جنهن ۾ صوبا 440 ارب رپين جو سرپلس ڏيندا، جنهن کان پوءِ بجيٽ خسارو گهٽ ٿي 3 هزار 154 ارب رپين تي پهچندو، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ قرضن تي وياج جي ادائگي لاءِ 3 هزار 105 ارب رکڻ، دفاعي بجيٽ لاءِ 1330 ارب رپيا رکڻ، پينشن جي ادائگي لاءِ 480 ارب رپيا، سول حڪومت جي خرچن لاءِ 510 ارب رپيا، مختلف شعبن جي سبسڊي لاءِ 501 ارب رپيا، گرانٽن جي مد ۾ 994 ارب رپيا رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، ايندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 800 ارب رپيا مقرر ڪرڻ، جڏهن ته ايندڙ مالي سال لاءِ معاشي ترقي جو حدف 4.2 سيڪڙو، مهانگائي جي شرح 8 سيڪڙو تي آڻڻ، بجيٽ خساري لاءِ حدف 6 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، ايندڙ مالي جي بجيٽ ۾ ملڪ مٿان قرض جي ڊي پي جي 84.3 سيڪڙو تائين پهچائڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي، ايندڙ مالي سال دوران ملڪي ايڪسپورٽ 25 ارب 70 ڪروڙ ڊالر ۽ امپورٽ 51 ارب 40 ڪروڙ ڊالر تي آڻڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي، ايف بي آر لاءِ ايندڙ مالي سال دوران ٽيڪس وصولين جو حدف 6 هزار 37 ارب مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾ 14 سئو ارب رپين جي آمدني جو تخمينو لڳايو ويو آهي، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ مجموعي طور تي 14 سئو ارب رپين کان وڌيڪ جا نوان ٽيڪس لڳندا، ٽيڪس رعايتون ختم ٿينديون، جي ايس ٽي جي حوالي سان به مختلف شعبن کي مليل ڇوٽ ختم ٿيندي، جي ايس ٽي جي 17 سيڪڙو شرح جو سڀني شعبن تي اطلاق ٿيندو، عام واهپي جي شين دوائن ۽ تعليم سميت شعبن کي مليل ٽيڪس ڇوٽ ختم ٿيندي. جڏهن ته وفاقي ڪابينا مالي سال 2022-23ع لاءِ3 هزار 591 ارب رپين جي خساري واري بجيٽ جي منظوري ڏني آهي، مالي سال 2022-23ع دوران ملڪ جي مجموعي آمدني 8 هزار 775 ارب رپيا هوندي، ان سال دوران صوبن کي 3 هزار 796 ارب رپيا اين ايف سي ايوارڊ تحت ملندا، جنهن کان پوءِ وفاقي حڪومت وٽ 4 هزار 989 ارب رپيا باقي بچندا، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي مجموعي خرچن جو تخمينو 8 هزار 570 ارب هوندو، اهڙي ريت سال 2022-23ع جي بجيت 3 هزار 591 ارب رپين جي خساري جي بجيٽ هوندي، جنهن ۾ صوبا 540 ارب رپين جو سرپلس ڏيندا، جنهن کان پوءِ بجيٽ خسارو گهٽ ٿي 3 هزار 551 ارب رپيا ٿيندو، سال 2022-23ع دوران قرضن تي وياج جي ادائگي لاءِ 3 هزار 330 ارب جڏهن ته دفاعي بجيٽ لاءِ 1495 ارب، سول حڪومت جي خرچن لاءِ 531 ارب، پينشن جي خرچن لاءِ 495 ارب، سبسڊيز لاءِ 460 ارب، گرانٽس جي مد ۾ 1070 ارب، ترقياتي پروگرام لاءِ 925 ارب رپيا رکيا ويندا، ائين انهيءَ سال دوران جي ڊي پي گروٿ جو 4.6 سيڪڙو حدف هوندو، مهانگائي جي شرح 6.8 سيڪڙو، بجيٽ خسارو 5.2 سيڪڙو، ملڪ مٿان قرضن جي رقم جي ڊي پي جي 81.8 سيڪڙو، ايڪسپورٽ 27.7 ارب ڊالر ۽ امپورٽ 55 ارب ڊالر جو ڪاٿو منظور ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سال 2023-24ع دوران ملڪ جي مجموعي آمدني 9 هزار 829 ارب رپيا هوندي، صوبن کي ان سال 4344 ارب رپيا جاري ٿيندا، جنهن کان پوءِ وفاق وٽ 5 هزار 485 ارب رپيا باقي بچندا، انهيءَ سال دوران وفاقي حڪومت جي مجموعي خرچن جو تخمينو 9 هزار 10 ارب رپيا هوندو، ائين ان سال بجيٽ خسارو 3 هزار 525 ارب رپيا ٿيندو، جنهن ۾ صوبا 640 ارب رپين جا سرپلس ڏيندا، جنهن کان پوءِ بجيت خسارو 2 هزار 885 ارب تي هوندو، انهيءَ سال معاشي گروٿ جو حدف 5.1 سيڪڙو، مهانگائي جي شرح 6.5 سيڪڙو، بجيٽ خساري جو حدف 4.4 سيڪڙو، جڏهن ته ملڪ مٿان قرض جي ڊي پي جي 79.6 سيڪڙو تي آڻڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي، انهيءَ سال قرضن تي وياج جي ادائگي لاءِ 3 هزار 585 ارب، دفاعي بجيٽ لاءِ 1588 ارب، سول حڪومت جي خرچن لاءِ 545 ارب، پينشن لاءِ 510 ارب، سبسڊيز لاءِ 410 ارب، گرانٽس جي مد ۾ 1117 ارب، ترقياتي پروگرام لاءِ هڪ هزار ارب رکڻ جو تخمينو منظور ڪيو ويو آهي.