زي ٽي اي دنيا ۾ پھريون انڊر اسڪرين سيلفي ڪيمرا وارو سمارٽ فون ايڪسون 20 متعارف ڪرايو هو.
ايڪسون 20 ۾ اها ٽيڪنالوجي گھڻي متاثر ڪندڙ ته نه آهي پر هن وقت اهو دنيا جوپهريون ڪمرشل فون آهي جنهن ۾ سيلفي ڪيمرا اسڪرين جي اندر لڪيل آهي.
هاڻ اها ڪمپني زي ٽي اي ايڪسون 30 کي متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري رهي آهي جنهن پڻ سيلفي ڪيمرا ڊسپلي جي اندر لڳل هوندي ۽ هن ڀيري ٽيڪنالوجي جو معيار به بهتر هوندو.
پر ان سان گڏوگڏ امڪاني طور تي اهو دنيا جو پهريون سمارٽ فون هوندو جنهن ۾ 20 جي بي ريم موجود ٿي سگھي ٿي.
هڪ رپورٽ موجب ايڪسون 30 جو نيٽ ورڪ ايڪسز سرٽيفڪيٽ سامهون آيو آهي جنهن موجب فون ۾ 55 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ موجود هوندي.
ڪمپني طرفان 20 جي بي ريم سان ليس ان سمارٽ فون بابت ٻڌايو ويو آهي ته اهو امڪاني طور تي ايڪسون 30 ٿي سگھي ٿو.
هن وقت تائين 16 کان 18 جي بي ريم وارا فون ته سامهون آهيا آهن پر 20 جي بي ريم وارو ڪو به فون پيش ناهي ٿيو حقيقيت ۾ گھٽڻ ڪمپيوٽرن ۾ به ريم ايتري طاقتور ناهي هوندي.
ايڪسون 30 ڪڏهن متعارف ڪرائڻ جي تاريخ بابت هن وقت تائين ڪجهه به ناهي ٻڌايو ويو پر ڪمپني اڳ ۾ اپريل جي مهيني ۾ ايڪسون 30 سيريز جا 3 فونز پيش ڪري چڪي آهي جن ۾ سيلفي ڪيمرا پنچ هول ڊزائين ۾ ڏني وئي آهي.
پر هاڻ ايڪسون 30 جو نئون ورجن متعارف ڪرائڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي جنهن ۾ سيڪنڊ جنريشن انڊر ڊسپلي سيلفي ڪيمرا کي ڏنو ويندو.