دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي چيف ايگزيڪيوٽو منو سواهني کي عهدي تان هٽايو ويو آهي ۽ سندس جاءِ تي چيف الارڊائس قائم مقام چيف ايگزيڪيوٽو طور خدمتون انجام ڏيندو.
آءِ سي سي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته منو سواهني کي فوري طور عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو دبئي ۾ آءِ سي سي بورڊ اجلاس ۾ جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب منو سواهني تي ماڻهن سان خراب رويي سان پيش اچڻ جا الزام هئا، جنهن تي آءِ سي سي بورڊ کيس هلندڙ سال مارچ ۾ موڪل تي به موڪلي ڇڏيو هو، اهي الزام پرائس واٽر هائوس ڪوپرز (ڊبليو پي سي) نالي آڊٽ فرم طرفان اندروني جائزي کانپوءِ سامهون آيا هئا.
ان معاملي تي انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ۽ آءِ سي سي جي انساني وسيلن جي ڪميٽي جي رڪن ايان واٽمور پي ڊبليو سي جي رپورٽ مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ٻين بورڊ ميمبرن کي منو سواهني کي فوري طور معطل ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، جنهن تي آءِ سي سي بورڊ اڄ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
واضح رهي ته منو سواهني کي گذريل مينز ورلڊ ڪپ کانپوءِ سيشن 2019 کان 2022 لاءِ آءِ سي سي جو چيف ايگزيڪيوٽو چونڊيو ويو هو.