لنڊن (م ڊ) برطانوي وزيراعظم بورس جانسن گرل فرينڊ سان ڳجهي شادي ڪري ڇڏي. برطانوي وزيراعظم جي شادي بابت دعويٰ ڪندي برطانوي ميڊيا چيو آهي ته بورس جانسن جي اها ٽئين شادي آهي، جڏهن ته ڪيري سائمنڊ جي پهرين شادي آهي. ميڊيا رپورٽ موجب بارس جانسن ٽئين شادي ويجهن دوستن ۽ مائٽن جي موجودگي ۾ ڪئي. هن تقريب ۾ مختصر 30 ماڻهن کي گهرايو ويو هو جيڪي برطانيه ۾ ڪورونا پابندين جي تحت مهمانن جو وڌ کان وڌ انگ ٿي سگهي ٿو. ميڊيا موجب فادر ڊينيئل همفريز اها شادي ڪرائي ۽ ان ۾ ٿوري انگ ۾ چرچ اختيارين به شرڪت ڪئي. 10 ڊائوننگ اسٽريٽ جي سينيئر اهلڪارن کي به شادي بابت علم نه هو، 199 ورهين يعني تقريبن 2 صدين ۾ پهريون موقعو آهي ته ڪنهن برطانوي اڳواڻ وزارت عظميٰ جي دور ۾ شادي ڪئي هجي. ياد رهي ته بورس جانسن جي پهرين شادي مرينه سان ٿي، جنهن مان کيس 2 پٽ ۽ 2 ڌيئرون آهن.