ايس ايس پي سکر تازو ٿيل پوليس آفيسرن جي گڏجاڻي دوران کين هدايتون ڏنيون ته هو ڏوهن جي شرح تي ڪنٽرول رکن، امن امان جي مجموعي صورتحال کي برقرار رکن ۽ خاص طور تي شهر جي حدن اندر موٽرسائيڪلن تي ون ويلنگ جي روڪٿام لاءِ پورو زور لڳائين.
انهن هدايتن جي روشنيءَ ۾ ٿاڻو اي سيڪشن پوليس، لب مهراڻ وٽ گلوب چوڪ کان ملٽري روڊ تائين ون ويلنگ ڪندڙ چار نابالغ ڇوڪرن کي ٽي موٽرسائيڪلون سميت گرفتار ڪري حوالات ۾ بند ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻه ڇوڪرا ٻه موٽرسائيڪلون کڻي فرار ٿي ويا. گرفتار ٿيلن جا نالا هيٺيان آهن:
1- محمد عثمان ولد طاهر علي شاهه، رهواسي گوپانگ محلا واري تڙ.
2- علي وارث ولد نديم اختر سولنگي، رهواسي گوپانگ محلا واري تڙ.
3- احمد مرتضي ولد امير احمد آخوند، رهواسي دبہ روڊ پراڻو سکر.
4- حسين علي ولد محمد شاهد عباسي، رهواسي امان الله چوڪ نيو پنڊ سکر.
ٿاڻو اي سيڪشن پوليس انهن خلاف دفعا 279، 186، 147 پي پي سي تحت ڪيس نمبر 126/2025 داخل ڪري ورتو آهي.
ايس ايس پي سکر اظهر خان والدين کي پنهنجو پيغام ڏيندي چيو ته:
والدين پنهنجي ٻارن جي روزمره سرگرمين تي سخت نظر رکن، انهن کي بالغ ٿيڻ کان اڳ موٽرسائيڪل هلائڻ کان روڪين، ۽ اهو به يقيني بڻائين ته سندن ٻار بگڙيل ساٿين جي صحبت ۾ اچي ون ويلنگ جهڙي خطرناڪ ۽ جان ليوا روش جي شڪار نه ٿين، ڇو ته ڪنهن به حادثي جي صورت ۾ اها غفلت سندن لاءِ سڄي عمر جو ڏک بڻجي سگهي ٿي.
ايس ايس پي اظهر خان سخت تنبيھ ڪندي وڌيڪ چيو ته:
جيڪڏهن ڪو به نوجوان يا نابالغ ڇوڪرو ون ويلنگ ڪندو يا بغير ڊرائيونگ لائسنس جي موٽرسائيڪل هلائيندو پڪڙيو ويو، ته ان جي خلاف قانوني ڪارروائي هر صورت ۾ ڪئي ويندي، ۽ ڪنهن به صورت ۾ ڪا به رعايت نه ڏني ويندي.