غزه: (سومر: 14 اپريل 2025ع) غزه ۾ اسرائيل جي بمباري جو سلسلو جاري آهي، تازن حملن ۾ 6 سڳن ڀائرن سميت وڌيڪ 37 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب آچر تي غزه جي علائقي ديرالبلح ۾ پيٽ بکايل فلسطينين کي خوراڪ ورهائڻ ۾ مصروف 6 سڳا ڀائر جن جون عمرون 10 کان 34 سالن جي وچ ۾ هيون اهي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ شهيد ٿي ويا.
شهيد پٽن جي والد ابومهدي جو چوڻ آهي ته سندس پٽ جنگ جي شروعات کان ئي ضرورتمندن جي مدد ڪري رهيا هئا ۽ انهن وٽ ڪوبه هٿيار نه هو.
انهي کان علاوه عالمي صحت واري اداري جو چوڻ آهي ته هڪ فلسطيني ٻار طبي امداد جي فراهمي ۾ رنڊڪ سبب حياتي وڃائي ويٺو. عرب ميڊيا موجب آچر جي ڏينهن غزه جي پٽي جي مختلف علائقن ۾ ٿيل اسرائيلي بمباري ۾ گهٽ ۾ گهٽ 37 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
غزه جي صحت واري وزارت موجب اسرائيل جي جنگ ۾ هينئر تائين گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار 944 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. جڏهن ته حڪومت جي ميڊيا آفيس شهادتن جو تازو انگ 61 هزار 700 کان وڌيڪ ٻڌايو آهي ڇو ته هزارين ماڻهن هن وقت به ملبي هيٺيان دٻيل آهن انهن کي مئل تصور ڪيو پيو وڃي.
ياد رهي ته اسرائيل ڇنڇر تي اترين غزه جي علائقي ال اهلي اسپتال تي بمباري ڪئي هئي جنهن سبب اسپتال جا ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا هئا، حملي سبب اسپتال ۾ علاج هيٺ مريض ۽ ٻيا ماڻهو اسپتال جي عمارت ڇڏڻ تي مجبور ٿيا ۽ هن وقت ڀرپاسي جي گهٽين ۾ پناهه وٺي ويٺل آهن.
سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت اسپتال تي بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي انهي کي هڪ ڏوهه ۽ عالمي قانون، ضابطن، خاص طور تي عالمي انساني حقن جي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. انهي کان علاوه برطانيه به اسپتال تي حملي جي مذمت ڪئي.