اسلام آباد
آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جو ٽه رڪني وفد وفاقي راڄڌاني اسلام آباد پهچي ويو آهي.
سفارتي ذريعن موجب، آمريڪي ڪانگريس جي وفد ۾ جيڪ برگمين ۽ ٽام سوازي پڻ شامل آهي، وفد 15 اپريل تائين پاڪستان جو دورو ڪندو.
سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جو وفد وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو، ان کانسواءِ وفد عليٰ عسڪري قيادت سان به ملندو.
سفارتي ذريعن موجب، آمريڪي وفد معيشت، واپار، دفاعي ۽ لاڳاپن ۽ تعليمي معاملن تي مشاورت ڪندو.
ذريعن موجب، آمريڪي ڪانگريس وفد جي مختلف سياسي جماعتن جي قيادت سان به ملاقات جو امڪان آهي، وفد آزاد ڪمشمير ۽ ايل او سي جو دورو پڻ ڪندو.