پشاور: (ڇنڇر: 12 اپريل 2025ع) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته وفاق کي ڪئنالن واري معاملي تي سنڌ جي آواز ٻڌڻ گهرجي، اسان نه ٿا چاهيون ته مسئلا روڊن تي حل ڪيا وڃن.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته سنڌ ۾ ڄاڻي واڻي حالتون خراب ڪيون پيون وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، پر گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو اجلاس نه سڏايو ويو آهي، جيڪو وفاق جي سنجيدگي تي سوال اُٿاري ٿو.
گورنر جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جو رڳو هڪ ئي ايجنڊا آهي ته کين اين آر او ڏنو وڃي، پر هو جيترو مرضي روئي وٺن، کين اين آر او نه ملندو.
ان کان اڳ هڪ بيان سندس چوڻ هو ته چشمه رائيٽ ڪئنال منصوبي جي پهرئين مرحلي جا ٽينڊر اوپن ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جشمه لفٽ ڪئنال تي عملي ڪم هلندڙ سال جون ۾ شروع ڪيو ويندو.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڊي آءِ خان سميت خيبرپختونخوا جي عوام لاءِ وڏي خوشخبري آهي ته چشمه رائيٽ ڪئنال جي پهرئين فيز جا ٽينڊر اوپن ٿي چڪا آهن.
هن چيو ته چشمه لفٽ ڪئنال جي ذريعي ڊي آءِ خان جي زمينن کي پاڻي ملندو، صوبي ۾ سرسبز انقلاب آڻينداسين.
فيصل ڪنڊي جو چوڻ هو ته هو وزيراعظم، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ چيئرمين واپڊا جو ٿورائتو آهي، ڇو ته ماضي جي حڪومتن هن منصوبي جي نالي تي عوام سان مذاق ڪيو، جڏهن ته پيپلز پارٽي پنهنجا ڪيل واعدا پاڙي رهي آهي.