ڪوئيٽه: بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي هڙتال ۽ ڌرڻو هڻندڙن کي واضع پيغام ڏئي ڇڏيو.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ صحت کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏو وزيرصحت جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ ”ادارتي سڌارا ايڪٽ“ آڻڻ جو فيصلو ڪيو.
هن چيو ته عوامي وسيلن جو ضايع ٿيڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، صحت کاتي کي هر سال 80 ارب رپين کان وڌيڪ فنڊ ڏنا وڃن ٿا، ان رقم مان ته بلوچستان جي هر شهري جو علاج مهانگي کان مهانگي خانگي اسپتال ۾ ٿي سگهي ٿو.
وڏي وزير صوبي اندر ڌرڻو هڻندڙن تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪو هڙتال يا ڌرڻو هڻڻ چاهي ته شوق سان هڻي، پر عوامي مفادن تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي.