ڪراچي: (خميس: 10 اپريل 2025ع) ملڪ ۾ اڄ به سون جي قيمت ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جميز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 7800 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 28 هزار 800 رپين جي ٿي ويو.
اهڙي ريت 10 گرام سون 6688 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 81 هزار 839 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت 78 ڊالر اضافي سان 3 هزار 118 ڊالرز ٿي وئي آهي.