اسلام آباد: (خميس: 10 اپريل 2025ع) وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيلاروس روانو ٿي ويو آهي مسلم ليگ(ن) جو صدر ۽ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف به ساڻس گڏ آهي.
بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف 10 کان 11 اپريل 2025 تائين بيلاروس جو سرڪاري دورو ڪندو، انهي موقعي تي نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ آهن.
هوڏانهن مسلم ليگ(ن) جو صدر ۽ اڳوڻو وزيراعظم ميان نوازشريف به بيلاروس جي دوري تي روانو ٿي ويو، پارٽي ذريعن موجب پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به ساڻس گڏ رواني ٿي آهي.
انهي کان علاوه سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب، حسن نواز، چيف سيڪريٽري پنجاب زاهد اختر زمان به بيلاروس جي لاءِ روانا ٿيا آهن جڏهن ته نوازشريف جو ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان به بيلاروس ويندڙ وفد ۾ شامل آهي.
واضح رهي ته نوازشريف جي سربراهي ۾ وفد لاور کان خصوصي جهاز جي ذريعي اسلام آباد جي لاءِ روانو ٿيو جتي کيس وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ بيلاروس وڃڻو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته نوازشريف بيلاروس کان لنڊن ويندو. مسلم ليگ(ن) جي سيڪريٽري اطلاعات مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته نوازشريف اڄ بيلاروس وڃي رهيو آهي، هو وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشنڪو جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي. مهمان وفد بيلاروس جي صدر طرفان ڏنل مانجهاندي ۾ به شريڪ ٿيندو.