افتتاح جي موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ چيئرمين مخدوم سعيد الزمان عاطف چيو ته پاڪستان ۾ عوام کي باخبر رکڻ ۽ ثقافت جي واڌاري ۾ ريڊيو پاڪستان جو شانائتو ڪردار رهيو آهي. ريڊيو پاڪستان هر دور ۾ پنهنجو پورو ڪردار نڀايو آهي. مون کي بيحد خوشي آهي ته ريڊيو پاڪستان جي انتظاميه جديد دور جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي پوڊ ڪاسٽ نشريات جو آغاز ڪيو آهي، ۽ ان سلسلي ۾ هي پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو قائم ڪرڻ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي اميد آهي ته ماضي وانگر ريڊيو پاڪستان مستقبل ۾ به موسيقي، علم ۽ ادب جي واڌاري سان گڏوگڏ عوام کي معلومات ۽ وندر مهيا ڪرڻ لاءِ جديد دور جي تقاضائن موجب پنهنجو ڪردار جاري رکندو. ان موقعي تي اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد علي اڪبر هنڱورجو چيو ته ريڊيو پاڪستان، عوام جي معلوماتي ۽ وندر جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ قدرتي آفتن دوران بروقت ڄاڻ ڏيڻ ۾ اھم ڪردار به ادا ڪندو رهيو آهي. ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي ۾ ترقي سان گڏ ميڊيا جي دنيا ۾ انقلابي تبديليون آيون آهن، ۽ سڄي دنيا ۾ ريڊيو نشريات جي حوالي سان پوڊ ڪاسٽ کي مڃتا ملي رهي آهي. خاص طور تي ڊجيٽل ميڊيا استعمال ڪندڙ ماڻهن ۾ پوڊ ڪاسٽ پروگرام تمام گهڻا مقبول ٿي رهي آهي. پوڊ ڪاسٽ پروگرام ماڻهو انٽرنيٽ ذريعي ڪنهن به وقت ٻڌي سگهن ٿا. پوڊ ڪاسٽ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارو شخص پنهنجي سهولت موجب جڏهن چاهي تڏهن ان مان فائدو وٺي سگهي ٿو. اھڙي طرح پوڊڪاسٽ ذريعي براڊڪاسٽنگ جي شعبي ۾ نوان موقعا پيدا ٿيا آهن . پبلڪ براڊڪاسٽنگ ماضي وانگر اڄ بہ سماج لا۽ اھم آهي ۽ اھا ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جديد ٽيڪنالوجي جي استعمال ذريعي انکي جديد دور جي تقاضائن مطابق پروگرام پيش ڪيا وڃن. هن جديد پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو ذريعي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جا پروگرام نه رڳو مقامي ماڻهن تائين، پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سامعين تائين ڊجيٽل ميڊيا ذريعي پهچي سگهندا ان موقعي تي ڳالهائيندي، مشهور براڊڪاسٽر ۽ شاعر نصير مرزا چيو ته ملڪ جي ڪيترن ئي مشهور گلوڪارن سان گڏ ڪيترن ئي نامور اديبن، شاعرن ۽ صداڪارن پنهنجو ڪيريئر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد مان شروع ڪيو. هي ريڊيو اسٽيشن ملڪ جي اهم نشرياتي مرڪزن مان هڪ آهي. 1955ع ۾ قيام کان وٺي اڄ تائين، هي ريڊيو اسٽيشن صوبي جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ فنڪارن، اديبن، شاعرن ۽ صداڪارن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار لاءِ پليٽفارم مهيا ڪندو رهيو آهي. ان حوالي سان اها ڳالهه نهايت اميدافزا آهي ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، مختلف ڊجيٽل ميڊيا پليٽفارمز ذريعي پنهنجي نشريات سامعين تائين پهچائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، ۽ ان جي تسلسل ۾ اڄ ريڊيو پاڪستان ۾ پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو جو قيام هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان موقعي تي پروگرام مئنيجر محمد حسين، انجنيئرنگ مئنيجر حاجي محمد کوکر، سينيئر پروڊيوسر محمد عارف، محمد ياسين جوڻيجو، نائمه صديق، سعيده چانڊيو، روشن کلھوڙو، طالب مغل، عابد سولنگي، خالد چانڊيو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جي سيڪريٽري دبير مرزا، مهراڻ ميگزين جي ايڊيٽر جبران زيـب، ۽ ٻين شخصيتن به شرڪت ڪئي