لاهور: (اربع: 09 اپريل 2025ع) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) وومينز ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز مقابلي ۾ پاڪستان آئرلينڊ کي 38 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان وومينز ٽيم 217 رنسن جي جواب ۾آئرش وومين ٽيم 44 هين اوور ۾ 179 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
آئرلينڊ جي گيبي لوئس ۽ ايمي هنٽر 44، 44 رنسون ٺاهيون، پاڪستان طرفان ڊيانا بيگ 35 رنسن عيوض 4 وڪيٽون ورتون، جڏهن ته نشره سندهو 3، سعيديه اقبال 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، ان کان اڳ آئرش وومين ٽيم ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 49 اوورن ۾ 217 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي،سدرا امين ۽ عاليا رياض ففٽي اسڪور ڪيون، ڊيانا بيگ کي شاندار بالنگ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.