ڪراچي: (اربع: 09 اپريل 2025ع) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو وري هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 3 هزار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 21 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 2 هزار 572 رپيا واڌ بعد 2 لک 75 هزار 205 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت 30 ڊالر اضافي سان 3 هزار 40 ڊالرز ٿي وئي آهي.