واشنگٽن: (اربع: 09 اپريل 2025ع) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) آمريڪي واڌو ٽيڪس سبب ايشيائي ملڪن تي پوندڙ امڪاني اثرن جي تجزياتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
اي ڊي بي موجب، اُسرندڙ ايشيائي خطو آمريڪي ٽيرف سبب وڌيڪ متاثر ٿيندو ۽ ترقي پذير ايشيائي ملڪن ۾ پاڪستان آمريڪي واڌو ٽيڪس جو نشانو بڻجندڙ 14 هون وڏو ملڪ آهي.
اي ڊي بي جو چوڻ آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان آمريڪي ٽيرف جي فهرست ۾ ٽئين نمبر تي آهي، سريلنڪا جي شين تي 44 سيڪڙو، بنگلاديش تي 37 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو جڏهن ته پاڪستان تي آمريڪي انتظاميا طرفان 29 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو، ڀارت تي 26 سيڪڙو، افغانستان، مالديپ، نيپال ۽ ڀوٽان تي 10 سيڪڙو واڌو ٽيڪس لاڳو آهي.
اي ڊي بي موجب، اُسرندڙ ايشيا ئي ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيرف ڪمبوڊيا تي 49 سيڪڙو آهي، سڀ کان وڌيڪ ٽيرف وارن دنيا جي ڏهن ملڪن مان پنجن جو تعلق ايشيا سان آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب، ٽامي، دوائن، سيمي ڪنڊيڪٽرز، ڪاٺ وارين شين کي واڌو ٽيڪس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته توانائي وارين شين ۽ دوائن تي به اضافي آمريڪي ٽيرف لڳڻ جو خدشو آهي ۽ واڌو ٽيرف يا ٽيڪس پهريان مڙهيل ٽيڪس علاوه هوندو، آمريڪي ٽيرف جو مقصد تجارتي خسارو گهٽائڻ آهي.