اسلام آباد: (اربع: 09 اپريل 2025ع) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪئنالن بابت نالي ماتر قومپرست غلط گيم کيڏي رهيا آهن.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب سنڌ جي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به چوري ناهي ڪندو، معاملو اتفاق راءِ سان حل ٿي ويندو.
هن چيو ته سنڌ ۾ ڪجهه قومپرست ڌريون ان مسئلي تي واويلا ڪري رهيون آهن، پر وفاقي سرڪار ان مسئلي جي حل لاءِ سنجيدا ۽ جوڳا قدم کڻي رهي آهي.
راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته ان معاملي تي سياسي طور تي حل لاءِ سڀني کي گڏجي مشاورت ڪرڻي پوندي ۽ اسان کي اِها ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي ته مسئلن جو حل ڳالهين ۽ مشاورت ذريعي ممڪن آهي.