مائونٽ مونگانوٽي ۾ کيڏيل ٽئين ۽ آخري هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ به نيوزيلينڊ پاڪستان کي آئوٽ ڪلاس ڪندي سيريز ۾ ڪلين سوئپ ڪري ورتو.
نيوزيلينڊ طرفان ڏنل 265 رنسن جي حدف جي تعاقب ۾ پاڪستان جي بيٽنگ هڪ دفعو ٻيهر ناڪام رهي سموري ٽيم 40هين اوور ۾ 221 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، نيوزيلينڊ کي ميچ ۾ 43 رنسن تان ڪاميابي ملي.
پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ بابر اعظم ٽيم کي 73 رنسن جي سٺي شروعات ڏني پر انهي کان پوءِ ڪابه وڏي پارٽنر شپ قائم نه ٿي سگهي، بابر اعظم کان علاوه ڪوبه رانديگر 50 رنسون نه ٺاهي سگهيو، ڪپتان محمد رضوان 37 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته عبدالله شفيق ۽ طيب طاهر 33-33 رنسن جي اننگز کيڏي.
نيوزيلينڊ طرفان بين سيٽرز 5 ۽ جيڪب ڊفي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، هڪ هڪ وڪيٽ مائيڪل بريسويل، محمد عباس ۽ ڊيرل مچل جي حصي ۾ آئي.
پاڪستان طرفان عاڪف جاويد 4، نديم شاهه 2 جڏهن ته فهيم اشرف ۽ سفيان مقيم هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ياد رهي ته ٽن ون ڊي ميچز جي سيريز ۾ نيوزيلينڊ کي پاڪستان جي خلاف 0-2 جي فيصله ڪن برتري حاصل آهي.