ممبئي: (ڇنڇر: 29 مارچ 2025ع) بالي ووڊ سلطان سلمان خان پاڪستاني اداڪارن سان ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهري ڪري ڇڏي.
سلمان خان اڄڪلهه پنهنجي نئين فلم ” سڪندر “ جي پروموشن ۾ رڌل آهي، جيڪا 30 مارچ تي سئنما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي.
ان سلسلي ۾ اداڪار ميڊيا سان ڳالهائيندي مختلف سوالن جا جواب ڏنا ۽ پاڪستاني فنڪارن سان گڏ ڪم ڪرن بابت پڻ خيالن جو اظهار ڪيو.
سلمان خان کان پڇيو ويو ته ڇا هو پاڪستاني اداڪارن سان ڪم ڪرڻ چاهيندو؟ جنهن جي جواب م سپر اسٽار چيو ته مان پاڪستاني اداڪارن سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، هو حڪومت ويزا جي اجازت وٺي اچي سگهن ٿا.
واضح رهي ته ڀارت وڃي بالي ووڊ ۾ پاڪستان جون مشهور اداڪارن ڪم ڪيو آهي جن ۾ سجل علي، فواد، خان، ماهرا خان، علي ظفر، جاويد اختر، عمران عباس، عدنان صديقي سميت ٻيا اداڪار شامل آهن.