اسلام آباد: (خميس: 27 مارچ 2025ع) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن جنهن سبب عوام ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي.
رپورٽ موجب پشاور ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا انهي کان علاوه بٽ خيله، تخت بهائي، دير لوير ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. بونير ۽ ڀرپاسي جي علائقن رستم ۽ ڀرپاسي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
رپورٽ موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي سبب عوام ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. زلزلو ماپ ڪندڙ مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي.، زلزلي مرڪز ٻڌايو ته زلزلي جو مرڪز افغانستان تاجڪستان جو سرحدي علائقو آهي، زلزلي جو مرڪز زمين اندر 198 ڪلو ميٽر هو.
پي ڊي ايم اي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب 27 مارچ 2025 تي ٻنپهرن جو 1 لڳي 28 منٽن تي زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو، زلزلي جي شدت 5.2 اونهائي 198 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.
پي ڊي ايم اي چيو آهي ته زلزلي جو مرڪز هندوڪش ريجن، افغانستان آهي، زلزلي جا لوڏا صوبي جي مختلف علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا.
پي ڊي ايم اي چيو آهي ته زلزلي سبب ڪنهن به قسم جي مالي ۽ جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي، پي ڊي ايم اي جو ايمرجنسي آپريشن سمورن ضلعن جي ضلعي انتظاميه سان رابطي ۾ آهي، عوام ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جي اطلاع 1700 تي ڏئي.