ممبئي: (خميس: 27 مارچ 2025ع) اڳوڻي سونهن راڻي ۽ بالي ووڊ سپر اسٽار ايشوريا راءِ بچن جي لگزري گاڏي کي ممبئي جي جوهو واري علائقي ۾ بس ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي وڊيو به سامهون اچي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ايشوريا راءِ جي گاڏي کي ٽڪر لڳندي ئي روڊ تي هجوم گڏ ٿي ويو، جڏهن ته اداڪارا جا محافظ گاڏي مان ٻاهر نڪري آيا.
ميڊيا رپورٽن موجب، 26 مارچ تي هڪ فوٽوگرافر سوشل ميڊيا تي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ايشوريا جي گاڏي کي هڪ وڏي ڳاڙهي رنگ واري بس ٽڪر هنيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، بس گاڏي کي پٺيان ٽڪر هنيو، جڏهن ته ان مهل ايشوريا راءِ گاڏي ۾ موجود نه هئي، حادثي سبب گاڏي کي ڪو وڏو نقصان نه ٿيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، حادثي کانپوءِ جوهو تارا روڊ تي اميتاڀ بچن جي رهائشگاهه ويجهو هڪ بنگلي مان سيڪيورٽي گارڊ ٻاهر آيو ۽ بس ڊرائيور کي چماٽ وهائي ڪڍي.
رپورٽ موجب، بس ڊرائيور جيئن ئي گاڏي کي ٿيل نقصان ڏسڻ لاءِ ٻاهر نڪتو ته گارڊ کيس چماٽ وهائي ڪڍي.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچڻ تي بنگلي جي نگران عملي بس ڊرائيور کان معافي گهري ۽ واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو ويو.