اسلام آباد: (خميس: 27 مارچ 2025ع) نيشنل انڊسٽريل رليشنز ڪميشن (اين آءِ آر سي) جي چيئرمين جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي پنهنجي عهدو تان استعيفيٰ ڏيڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو.
سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد محمود جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جي درخواست ڪئي.
سيڪريٽري، جسٽس رٽائرڊ شوڪت عزيز صديقي جي چيئرمين طور ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته گذريل ٽن مهينن دوران ورڪرن جا ٻڌڻي هيٺ ڪيس نبيرڻ ۽ انصاف جي تيز ترين فراهمي کي يقيني بڻايو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته اين آءِ آر سي ورڪرن جي مسئلن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد محمود جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي کي ورڪرن جي ڀلائي لاءِ عهدو نه ڇڏڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي هن فيصلو ڪيو ته هو ورڪرن جي بهتري ۽ فلاح لاءِ چيئرمين اين آءِ آر سي طور پنهنجون ذميواريون جاري رکندو.
ياد رهي ته وفاقي ڪابينه، جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي کي ڊسمبر 2024ع ۾ ٽن سال لاءِ چيئرمين اين آءِ آر سي مقرر ڪيو هو.