وفاقي حڪومت ايندڙ 2 مهينن ۾ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.
پاور ڊويزن جي عملدارن موجب، وفاقي حڪومت ايندڙ 2 مهينن ۾ بجلي جي في يونٽ قيمت 6 کان 8 رپيا گهٽائڻ تي غور ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ بئنڪن کان 1300 ارب رپين جي قرض بابت ڳالهه ٻولهه جاري آهي.
عملدارن جو چوڻ آهي ته هي قرض مقرر شرح ۽ خاص مدت لاءِ حاصل ڪيو ويندو، جنهن سان گردشي قرض ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
عملدارن موجب، حڪومت کي آزاد بجلي گهرن (آءِ پي پيز) سان ڳالهين دوران 700 ارب رپين جي بچت ٿي آهي.
ان کانسواءِ آءِ پي پيز تي 300 ارب رپين جو وياج ختم ڪيو ويو آهي، 6 آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 25 آءِ پي پيز سان ”ٽيڪ اينڊ پي” معاهدي تي ڳالهه مڪمل ٿي چڪي آهي.
سرڪاري پاور پلانٽن بابت به ٽاسڪ فورس سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ ٻن مهينن ۾ في يونٽ بجلي 6 کان 8 رپيا سستي ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملندي.
عملدارن موجب، پاور سيڪٽر جو گردشي قرض لڳ ڀڳ 2300 ارب رپيا آهي، جنهن کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.