سکر پاڪ سوچ رپورٽ ذوالفقار: سڪيورٽي ادارن، رينجرز ۽ پوليس جي وڏي نفري سان گڏجي سپريٽينڊنٽ انجنيئر آپريشن سرڪل سيپڪو سکر مظفر کھاوڙ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڪاشف قريشي، ھائڊرو يونين جي ريجنل وائيس چيئرمين شجاعت علي گهمرو، عمران لوڌي، ابراھيم ڏھر جي قيادت ۾ سيپڪو ڊويزن ون جي مختلف علائقن ۾ وڏي پيماني تي بجلي چوري ۽ بقاياجات جي وصولي جي حوالي سان آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران وڏي انگ ۾ لڳل ڊائريڪٽ ڪنيڪشن ڪٽي ڪري سالن کان بقاياجات جي مد ۾ لکين روپيھ وصول ڪيا ويا، جڏھن تھ بل ادا نھ ڪندڙ ڪجه ماڻھن کي پوليس جي حوالي ڪيو ويو جن کي بلن جي ادائگي کان پوءِ رھا ڪيو ويندو، آپريشن دوران سيپڪو ٽيم سپريٽينڊنٽ انجنيئر آپريشن سرڪل سيپڪو سکر مظفر کھاوڙ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڪاشف قريشي، ھائڊرو يونين جي ريجنل وائيس چيئرمين شجاعت علي گهمرو، عمران لوڌي، ابراھيم ڏھر ۽ ٻين جو پاڪ سوچ ميڊيا گهروپ جي ٽيم سان ڳالھائيندي چوڻ ھو تھ بجلي چوري ۽ بقاياجات جي وصولي جي حوالي سان ھن وقت پوري ڪمپني ۾ ڪاروايون جاري آھن جيڪي ڪاروايون جاري رھنديون، ھنن چيو تھ بجلي چوري ۾ ملوث ماڻھن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي، ان ڪري سڀئي شھري پنھنجا ڪنيڪشن لڳرائن ۽ جن شھرين ڏي سيپڪو جي بلن جا بقاياجات رھيل آھن اھي پنھنجا سمورا بقاياجات جمع ڪرائن ٻئي صورت ۾ بجلي چوري ۾ ملوث ۽ بل ادا نھ ڪندڙ ماڻھن خلاف قانوني ڪاروايون ڪيون وينديون، ھنن چيو تھ ھن آپريشن دوران ڪجه ماڻھن کي بلن جي بقاياجات جي ڪري پوليس حوالي پڻ ڪيو ويو آھي، جن کي بلن جي ادائگي کان بعد رھا ڪيو ويندو، سيپڪو ٽيم شھرين کي اپيل ڪئي تھ بجلي چوري کان بجي درست ڪنيڪشن استعمال ڪري پنھنجا بل وقت سر ادا ڪندا اچن جيئن شھري لوڊشيڊنگ جھڙي آزار کان پڻ آجا ٿي سگهن.ان دوران سپريٽينڊنٽ انجنيئر آپريشن سرڪل سيپڪو سکر مظفر کھاوڙ پاڪ سوچ ميڊيا گهروپ جي ٽيم سان ڳالھائيندي وڌيڪ چيو تھ ڪنھن بھ علائقي ۾ بجلي چوري ھلندر ھجي تھ شري بر وقت اسان کي اطلاع ڏين جيئن انھن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.