پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ سول اسپتال جو ڊاڪٽر منتظر مھدي لغاري ايف آئي اي ھٿان گرفتار ڪرڻ بعد ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ، عدالت پاران گرفتار ڊاڪٽر کي ٻن ڏينهن جي جڊيشل ريمانڊ تي جيل حوالي موڪلي ڇڏيو، ڊاڪٽر جي گرفتاريءَ تي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪيو ويو.
ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايف آئي اي جي جاچ آفيسر راشد ڀٽي پاران ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ سول اسپتال جي ڊاڪٽر منتظر مھدي لغاري تي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز جي جسم تي ٿيل تشدد کي نظر انداز ڪرڻ ۽ رپورٽ صحيح نه ڏيڻ تي ڊاڪٽر منتظر مھدي لغاري کي گرفتار ڪرڻ بعد دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت پاران گرفتار ڊاڪٽر منتظر مھدي لغاري کي 02 ڏينھن جي جڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو جڏهن ته ڊاڪٽر جي گرفتاريءَ تي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي پاران او پي ڊي او جو بائڪاٽ ڪري ايم ايس سول اسپتال ڊاڪٽر ھيمجي چوھاڻ ، ڊاڪٽر ليکراج راٺوڙ ، ڊاڪٽر راج ڪمار صوفي ، ڊاڪٽر عمران مھر ۽ ٻيا ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل عملو ڪورٽ ٻاهران پھچي ويا
ان موقعي تي ڊاڪٽر منتظر مھدي لغاري جي وڪيل عبدالرزاق لغاري عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھن تي الزام آھي ته ڊاڪٽر شاهنواز جي جسم تي ٿيل تشدد کي نظر انداز ڪيو آھي جنھن سبب ايف آئي اي پاران ھن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو آھي اسان کي ڊاڪٽر مٿان لڳل الزامن جا ڪاغذات ملڻ بعد ڪيس جي پوئواري ڪئي ويندي ، گرفتار ڊاڪٽر جي والد ڊاڪٽر موسي لغاري چيو ته ڪو به اھڙو واقعو ٿيندو آھي ان تي مڪمل ميڊيڪل بورڊ ٺھندو آھي پر ھن ڪيس ۾ ڊاڪٽر منتظر مھدي اڪيلي سر پوسٽ مارٽم ڪيو جنھن ۾ جيڪي ب شيون نظر آيون ۽ موت جي ڪارڻ بابت ھن پنھنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ، ان موقعي تي سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ھيمجي چوھاڻ چيو ته اھڙي ڪيس جي پوسٽ مارٽم لاءِ ميڊيڪل ٽيم جي ضرورت نه ھوندي ايمرجنسي ۾ موجود ڊاڪٽر پوسٽ مارٽم ڪري سگھي
ھن چيو ته ان موقعي تي پوليس سرجن موجود نه ھو ان کي ڪال ڪئي پر اھو ن اچي سگھيو ھن چيو ته ايڪسري جي سھولت موجود ھئي پر ڊاڪٽر جي مرضي ھوندي آھي ته ايڪسري ڪرائي يا نه ، ياد رھي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ سول اسپتال جي ڊاڪٽر منتظر مھدي لغاري پاران پوليس کي پنھنجي لکت ۾ ڏنل بيان ۾ ڄاڻايو ھو ته پوسٽ مارٽم ڪرڻ وقت مونکي ڊاڪٽر شاهنواز جي جسم تي ٿيل تشدد جا ڪي ب نشان نظر نه آيا صرف گولين جا نشان ھئا ٻئي طرف فريادي وڪيل ابراهيم ڪنڀر چيو ت اسان ايف آ۽ اي ۽ نيشنل هيومن رائيٽس ڪميشن کي درخواست ڪئي هئي ت ڊاڪٽر منتضر لغاري قاتلن کي بچائڻ لا۽ غلط پوسٽ مارٽم ڏني آهي کيس گرفتار ڪري جاچ ڪري ڪيس ۾ نامزد ڪيو وڃي ، ايف آ۽ اي کيس گرفتار ڪيو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ ڊاڪٽر غلط ڏئي ڪيس لوڙهڻ جي سازش ڪئي هئي.
ياد رهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سندس جسم تي تشدد جي نشانن ۽ سندس موت کان پهرين 4 پاسراٽيون ٽٽل هجڻ جو ذڪر ن ڪيو هو صرف ٻن گولين لڳڻ سبب هڪ پاسراٽي ٽٽل هجڻ ۽ دل ۽ جيرو ڦاٽي پوڻ جو ڪارڻ ڏيکاريو ويو هو ، جڏهن ت قبرڪشائي بعد آيل ميڊيڪل رپورٽ ۾ سندس جسم تي تشدد ٿيڻ ۽ چار پاسراٽيون ٽٽل هجڻ جو انڪشاف ٿيو هو.