تحریر/ مجاهد بوزدار
سنڌ ۾ قبيلائي جھيڙن علائقي کي بدامني جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي جتي معمولي تڪرار خوني ويڙھ ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا روهڙي ويجھو جھانگڙو ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ خرم جاگيراڻي ۾ ڍور چوريءَ جهڙي معمولي ڳالهه تان شروع ٿيل جھيڙي ۾ ھاڻي تائين 7 قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن جڏهن ته 22 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿيا آهن جن ۾ ٻه عورتون هڪ نينگري ۽ هڪ پوليس اهلڪار شامل آهن هن تڪرار سنڌ ۾ جاري بدامني ۽ رياستي ادارن جي ناڪامي کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي سنڌ ۾ قبيلائي جھيڙن ۽ منظم ڏوهن جي وڌندڙ وارداتن عام شهرين جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي ڏوهارين جا ٽولا ڏينهن ڏٺي وارداتون ڪن ٿا ڀنگ لاءِ اغوا، ڀتي خوري ۽ قومي شاهراه تي ڦرون بي خوف ٿي ڪري رهيا آهن جڏهن ته پوليس انهن ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران بي وس نظر اچي ٿي مثال طور سکر ۾ هڪ صحافي جان محمد مھرجي قتل کي 549 ڏينهن گذري چڪا آهن پر سندس خاندان کي انصاف ناهي مليو ۽ قاتل اڃان تائين قانون جي پڪڙ کان ٻاهر آهن جان محمد مھر جا قاتل به ڪچي جي محفوظ پناھ گاهن ۾ مقامي ڏوهارين جي پناهه ۾ لڪل آهن تازو مقرر ٿيل ايس ايس پي سکر اظھر خان مغل سکر پريس ڪلب جو دورو ڪيو ۽ صحافي جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو واعدو ڪيو پر زميني حقيقتون ظاهر ڪن ٿيون ته سنڌ ۾ ڏوهاري پوليس کان وڌيڪ طاقتور ٿي چڪا آهن سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ قبيلائي جھيڙن جو بنيادي سبب جاگيرداري نظام آهي تر جا وڏيرا ۽ سردار انهن تڪرارن کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجو مفاد ڏسندا آهن ڇو ته ان وسيلي هو پنهنجي قبيلي تي مڪمل ڪنٽرول رکن ٿا گهڻين صورتن ۾ متاثر ٿيل ماڻھو پوليس وٽ وڃڻ بدران پنهنجي قبيلائي اڳواڻن سان رابطو ڪن ٿا جيڪي پوءِ فيصلو ڪن ٿا ته معاملو پوليس جي حوالي ڪجي يا جرڳي وسيلي حل ڪجي ڪشمور ۽ گھوٽڪي ۾ ساوند ۽ سندراني قبيلن جي وچ ۾ ٿيل جھيڙن ۾ 29 ماڻھو مارجي ويا جڏهن ته ان کان اڳ ڪشمور ۾ سبزوئي ۽ ساوند برادري جي خوني جھيڙي ۾ 101 ماڻھو قتل ٿي ويا هئا شڪارپور ۾ 2024 دوران 195 ماڻھو قتل ٿيا جڏهن ته سکر ڊويزن ۾ 80 ماڻھو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا انهن واقعن ۾ ملوث 2,569 جوابدار اڃان تائين قانون جي پڪڙ ۾ نه آيا آهن انهن جھيڙن جي نتيجي ۾ ڪيترائي خاندان بي گھرٿي ويا آهن ٻار تعليم کان محروم ٿي رهيا آهن ۽ معيشت تباهه ٿي رهي آهي علائقي ۾ خوف جو ماحول برقرار آهي ۽ ماڻھو پنهنجي گهرن مان نڪرڻ کان به ڊڄن ٿا سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران غير قانوني قرار ڏيڻ باوجود سنڌ ۾ جرڳا مسلسل ڪم ڪري رهيا آهن نومبر 2024 ۾ سکر ۾ ٿيل هڪ جرڳي ۾ مھر ۽ جتوئي برادرين جي وچ ۾ ٿيل جھيڙي تي 22 ملين رپيا خون بها جو فيصلو ڏنو ويو هن فيصلي موجب عورت جي قتل تي 5 ملين رپيا ۽ جھيڙي ۾ اغوا ٿيل عورت جي بدلي 2 ملين رپيا ڏيڻ جو حڪم ڪيو ويو هن صورتحال مان اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن جرڳا رياستي عدالتن کان وڌيڪ طاقتور ٿي وڃن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي حيثيت ڇا رهجي وڃي ٿي؟رياست جي ڪمزوري جو سڀ کان وڏو نقصان اهو ٿيندو آهي ته قبيلائي جھيڙا شدت اختيار ڪري وڃن ٿا ڊاڪٽر طارق ساوند جو ڀاءُ ڊاڪٽراجمل ساوند قبيلائي دشمني جي نتيجي ۾ قتل ڪيو ويو انهيءَ صورتحال تي چون ٿا ته جيڪڏهن پوليس ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ فوري ڪارروائي ڪري ته اهي تڪرار شدت اختيار نه ڪن پر جڏهن متاثرن کي انصاف نه ملي ته هو انتقام وٺڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا اها رياست جي ذميواري آهي ته هو قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سياسي دٻاءَ کان آزاد ڪري ۽ انهن کي مڪمل اختيار ڏنا وڃن ته جيئن هو بنا فرق ڪارروائي ڪري سگهن قبائيلي جھيڙن جي خاتمي لاءِ رياستي ادارن کي فعال ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيا به قدم کنيا وڃن پوليس کي آزاد ۽ غير جانبدار بڻايو وڃي ته جيئن هو هر قسم جي دٻاءَ کان هٽي ڪري ڪارروائي ڪري سگهي غير قانوني جرڳن جا فيصلا ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ماڻهن کي تعليم ۽ امن جي فروغ لاءِ آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن اهي تڪرارن کي وڌيڪ نه وڌائين علائقي جي معززين ۽ عالمن تي مشتمل امن ڪاميٽيون ٺاهيون وڃن جيڪي قبيلائي تڪرارن کي قانوني دائري ۾ حل ڪرڻ ۾ مدد ڪن پارليامينٽ ۾ اهڙا قانون پاس ڪيا وڃن جيڪي قبيلائي دشمنين جي خاتمي ۾ مددگار ثابت ٿين پوليس کي جديد تربيت ۽ وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن هو ڏوهارين خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري سگهي پوليس ۽ عدليه جي ڪم ۾ سياسي مداخلت جو خاتمو ڪيو وڃي ته جيئن انصاف تي ٻڌل فيصلا ٿي سگهن سنڌ ۾ جاري قبائيلي تڪرار، ڏوهاري راڄ ۽ پوليس جي ناڪامي هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال جي نشاندهي ڪن ٿا حڪومت عدليه ۽ پوليس کي گهرجي ته هو پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن جرڳن جي خاتمي لاءِ سخت ڪارروائي ڪن ۽ عوام جو قانون تي اعتماد بحال ڪن جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته سنڌ اندر ساڳيءَ طرح خوني ويڙهاند جاري رهندي ۽ هڪ تڪرار کان پوءِ ٻيو تڪرار ڪر کڻندو رهندو