پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف پاڪستان فيڊرل يونين آف جنرلسٽ جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافين طرفان احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون ڪڍيون ويون، جڏهن ته صحافين طرفان پيڪا ايڪٽ ترميم کي رد ڪندي حڪومت کان تڪراري ڪاري قانون کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
بدين ۾ وفاقي حڪومت طرفان پيڪا قانون آڻڻ خلاف پي ايف يو جي ۽ ايڇ يو جي جي سڏ تي قاضيه واهه کان ايوان صحافت تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. حيدرآباد يونين آف جڪرنلسٽ جي مرڪزي سينئر جوائنٽ سيڪريٽري شفيع محمد جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي شاد الطاف ميمڻ، ايوان صحافت جي صدر لالا هارون گوپانگ، پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري عبدالشڪور ميمڻ، علي محمد شاهاڻي، نصرت حسين جعفري عطا چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي ڪرتوتن کي لڪائڻ لاءِ هميشه ميڊيا تي وار ڪندي رهي آهي. تازو ميڊيا تي پابنديون هڻڻ لاءِ پيڪا قانون آندو ويو ته جيئن هو پنهنجا پسنديده فيصلا ڪري سگهن ۽ ميڊيا خاموش رهي. هنن مطالبو ڪيو ته پيڪا قانون واپس ورتو وڃي ٻئي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.
ڀان سيدآباد ۾ به پيڪا آرڊيننس خلاف صحافي روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي ريلي، ڌرڻو هنيو ويو. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس يونٽ ڄامشورو جي صدر مظفر علي کوکر ۽ پريس ڪلب ڀان سيد آباد جي صدر ذوالفقار مينگل جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ڌرڻي ۾ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري آصف ميمڻ، آدم مينگل، ياسر شورو ۽ ٻيا شامل هئا. انهي موقعي تي صحافين چيو ته وفاقي سرڪار پريوينشن آف اليڪٽرانڪس ڪرائيم ايڪٽ پيڪا آرڊيننس جي نالي تي صحافت تي پابندي مڙهي رهي آهي جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. هنن چيو ته پيڪا آرڊيننس اظهار راءِ جي آزادي تي هڪ پنجوڙ آهي، ڄاڻ تائين پهچ ۽ بنيادي انساني حق به متاثر ٿيندا آرڊيننس تي صحافي حلفي ۾ ڳڻتي ڇانيل آهي.
ڄامشورو ۾ به پيڪا آرڊينني خلاف سراپا احتجاج بڻيل. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي سڏ تي ڄامشورو ۾ عرفان برفت، ڪي ڪي بروهي، اسد مڱريو، شاهد خٽڪ، مرتضيٰ نوحاڻي، حيات ميراڻي، حاجي خان سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وفاقي سرڪار پيڪا آرڊيننس جي نالي تي صحافين تي پابندي مڙهي رهي آهي جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.
هالا ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي سڏ تي ڪاري قانون پيڪا ايڪٽ خلاف حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس يونين يونٽ مٽياري پاران هالا ۾ ايڇ يو جي ضلعي مٽياري جي صدر الطاف ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. احتجاج ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جو اڳواڻ محمد هاشم کوکر، نديم مڱريو، شعيب کوکر، اڪرم جکور، جسقم اڳواڻ عبدالرشيد ڏيٿو ۽ ٻيا پڻ شريڪ هئا. مظاهرين ٻانهن تي ڪاريون پٽي ٻڌي پيڪا ايڪٽ خلاف نعريبازي ڪئي.