سکر قینچي پل تان/ مجاھد بوزدار
جان محمد مھر جيڪو سنڌي روزاني “ڪاوش” اخبار ۽ سنڌي ٽي وي چينل “KTN”جو بیورو چیف، اينڪرپرسن ۽ سکر پريس ڪلب جو اڳوڻو صدر هو 535 ڏينهن اڳ 13 آگسٽ جي رات سکر جي لوڪس پارڪ روڊ تي مصروف ترين شاهراهن مان هڪ تي بے دردی سان قتل ڪيو ويو جڏهن هو آفيس کان گهر واپس وڃي رهيو هو اهو واقعو صحافت جي دنيا لاءِ هڪ سانحو هو جنهن نہ صرف صحافي برادري کي پر سڄي سنڌ کي ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو اڄ 535 ڏينهن گذري چڪا آهن پرقاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف جي فراهمی جو واعدو هڪ خواب بڻجي ويو آهي لوڪس پارڪ روڊ جيڪو سکر جي مصروف ۽ اهم شاهراهن مان هڪ آهي تي جان محمد مهر کي گوليون هنيون ويون ۽ قاتل با آساني فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جن جو اڄ تائين ڪو به سراغ نہ ملي سگهيو پهرين ڏينهن کان ئي ڪاوش ميڊيا گروپ ۽ ملڪ جي صحافين ان واقعي خلاف احتجاج ڪيو آهي جان محمد مهر جي قتل کان پوء پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاه،صوبائي وزير سنڌ شرجيل انعام ميمڻ،صوبائي وزير سنڌ سيد ناصر حسين شاه ۽ ٻين سياسي اڳواڻن ۽ وزيرن ان واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سنڌ پوليس جي اعليٰ آفيسرن، آءِ جي سنڌ ۽ ڪيترن ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز قاتلن جي گرفتاري جو يقين ڏياريو پر اڄ تائين نہ ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿيو آهي ۽ نہ ئي متاثرہ خاندان کي انصاف مليو آهي واقعي کانپوءِ صحافي برادري مسلسل احتجاج ڪندي رهي آهي ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس سامهون پڻ هڪ وڏو ڌرڻو ڏنو ويو جنهن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن جا سوين صحافي شامل ٿيا سکر،حيدرآباد،خيرپور،نوابشاهه ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ صحافين احتجاج ڌرڻا ۽ مظاهرا ڪيا ۽ شهيد صحافي جي قتل خلاف آواز بلند ڪيو اهو احتجاج صرف جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نہ هو پر اهو صحافين جي جان ۽ مال جي تحفظ جي مطالبن جوحصو پڻ هو سکر پريس ڪلب جي صحافين پڻ هن تحريڪ ۾ اهم ڪردارادا ڪيو جن مسلسل سکر پريس ڪلب سامهون روزاني بنياد تي احتجاج ڪيو ۽ اهو مطالبو زندہ رکيو ته جان محمد مهر جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي ڪاوش KTN ٽي وي چينل جي صحافين پڻ ملڪ جي مختلف حصن ۾ احتجاجي ڪيمپ لڳايا، پريس ڪلبن سامهون ڌرڻا ڏنا ۽ حڪومت کان بار بار اپيل ڪئي ته قاتلن کي گرفتار ڪري انهن کي سخت سزا ڏني وڃي سموري سنڌ جا صحافي اڄ تائين هڪ ئي مطالبو ڪن ٿا ته شهيد جان محمد مهر جي خون سان انصاف ڪيو وڃي جان محمد مهر صحافت جي ميدان ۾ هڪ باوقار ۽ باهمت شخصيت طورڄاڻايل هئا جن جون صحافتي خدمتون،سماجي مسئلن تي انهن جي گهري نظر ۽ بي باڪ رپورٽنگ ان کي هڪ منفرد مقام ڏنو هو هميشه حق ۽ سچ جي آواز بلند ڪندا رهيا ۽ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي عوام جي مسئلن کي اجاگر ڪندا رهيا انهن جا ساٿي صحافي ۽ دوست اڄ به انهن جي ياد کي تازو ڪن ٿا ۽ انهن جي خدمتن کي خراجِ تحسین پيش ڪن ٿاجان محمد مهر جي صحافتي دوستن جو خاص طور تي انهن صحافين ۽ اڳواڻن جو ذڪر ضروري آهي جن جان محمد مهر جي قتل ۽ ان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پهرين ڏينهن کان اڄ تائين اهم ڪردار ادا ڪيو انهن ۾ پي ايف يو جي جي مرڪزي فنانس سيڪريٽري صحافين جي روح رواں لالا اسد پٺاڻ ۽ سکر پريس ڪلب جي عهديدارن هن سنگين واقعي خلاف ڀرپور احتجاجي قدم کنيا احتجاج جي قيادت ڪندي آصف ظهير خان لوڌي،امداد بوزدار،سليم سهتو،جاويد جتوئي،لالا شهباز خان پٺاڻ،احقر شاه،سحرش کوکر،جلال الدين ڀيو،شهزادتاباني،رياض راجپوت ۽ خالد ٻانڀڻ سميت ٻين صحافين سکر سميت مختلف شهرن ۾ ڌرڻا ڏنا ۽ ڀرپور آواز بلند ڪئي انهن صحافين فقط روڊ رستن تي پريس ڪلبن اڳيان ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس سامهون احتجاج نه ڪيو بلڪه حڪومت واڳ ڌڻين ۽ پوليس جي اعليٰ آفيسرن سان ملاقاتون ڪري شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو انهن صحافين پنهنجي احتجاج دوران اهو پيغام ڏنو ته اهي جان محمد مهر جي خون جو بدلو وٺي رهيا آهن ۽ انصاف کان بغير سک سان نه ويهندا انهن جي ڪوشش جو مقصد اختيارين تي دٻاءُ وجهڻ هو جيئن قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي هي احتجاجي تحريڪ نه صرف سکر ۾ پر پوري سنڌ ۾ پکڙجي وئي جنهن ۾ صحافي برادري گڏجي قتل واري معاملي ۾ حڪومت جي ناڪامي جي مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوراً گرفتارڪيو وڃي ۽ انهن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي صحافين جي هن تحريڪ حڪمرانن کي مجبورڪيو ته اهي هن ڪيس جي تفتیش ۾ تيزي آڻڻ ۽ ملوث ماڻهن کي جيفرِ ڪردارتائين پهچائين تنهن هوندي حڪومتي ادارن ۽ پوليس شروعاتي ڏينهن ۾ تفتیش شروع ڪئي پر 535 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪا به پيش رفت نه ٿي ان دير ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي ڇا صحافين جي زندگي جو تحفظ حڪومت جي ترجيحات ۾ شامل نه آهي؟ڇا پوليس ۽ تحقيقاتي ادارا اتنا بيوس آهن جو اهي مصروف شاهراهه تي ٿيل قتل جي جوابدارن کي گرفتار نٿا ڪري سگهن؟ ڇا جان محمد مهر جي قتل کي سرد خاني ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي؟صحافي برادري جو مطالبو آهي ته جان محمد مهر جي قاتلن کي فوراً گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي صحافين جي تحفظ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن ۽ انهن لاءِ هڪ محفوظ ماحول فراهم ڪيو وڃي حڪومت ۽ تحقيقاتي ادارا جان محمد مهر جي گهر ڀاتين کي انصاف فراهم ڪرڻ کي يقيني بنائن جان محمد مهر جا گهر ڀاتي اڄ به انصاف جا منتظر آهن سندس معصوم ٻار پنهنجي والد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ دعاگو آهن هي واقعو نه صرف هڪ خاندان جو دُک آهي بلڪه پوري معاشري جي ناڪامي کي ظاهر ڪري ٿو جان محمد مهر جو خون ضائع نه ٿيڻ گهرجي ان جي قتل جو انصاف صرف انهن جي خاندان جو حق ناهي بلڪه سڄي صحافي برادري جي آواز آهي انصاف جي فراہمی ئي حڪومت ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ذميداري آهي ۽ اها مظلومن جي زخم تي مرهم رکڻ جو ڪم ڪري سگهي ٿي جيستائين انصاف نه ٿو ملي صحافي برادري جي اها آواز گونجندي رهندي جان محمد مهر جي خون سان انصاف ڪيو وڃي!”