وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جو پروگرام آخري آهي، مهانگائي جي شرح کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ جي ڪوشان آهيون.
وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ عالمي سرمائيڪاري ٿي رهي آهي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن.
هن چيو ته اميد آهي ته وياج جي شرح ۾ اڄ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي، سستي بجلي کان سواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي ۽ ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪوشان آهيون.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام آهي. ڪجهه مهينن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان صنعت کي ترقي ملندي. هن چيو ته برآمدات ۽ ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته قومي ايئر لائين(پي آءِ اي) جي شفافيت سان نجڪاري ڪنداسين سڀني کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهندو.
معيشت جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم چيو ته معيشت ۾ بهتري جي حوالي سان اسان جون محنتون رنگ آڻي رهيون آهن، جڏهن ته مهانگائي جي شرح هاڻ 5 سيڪڙو ٿي وئي آهي، مهانگائي جي شرح کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ مصروف آهيون.