سانگهڙ جوڻيجا برادري جي قتل ٿي ويل ٽن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاري ڪيس داخل ڪرائڻ لاء پريس ڪلب اڳيان لڳل ڌرڻو اڄ ٽئين ڏينهن به جاري آهي هوڏانهن ڌرڻو هڻي ويٺل مقتولن جي وارثن سان پ پ ايم اين اي شازيه عطا مري ڌرڻي ۾ پهتي جتي هن مقتول جي وارثن سان واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا جنهن تي مقتول جي وارثن پ پ ايم اين اي اڳيان دانهندي انصاف جي گهر ڪندي چيو ته اسانجي ماڻهن کي قتل ۽ زخمي ڪرائڻ ۾ پ پ ايم اين اي اعلا الدين جوڻيجو جو هٿ آهي جنهن تي پ پ ايم اين اي شازيه عطا مري مقتول جي وارثن همدري جو اظهار ڪندي چيو ته توهان سان ظلم ٿيو آهي هن واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي ۽ مقتولن جي وارثن جي مرضي موجب ايف آئي آر ٿيڻ گهرجي.
هوڏانهن ٽن ڏينهن کان انصاف لاء ڌرڻي هڻي ويٺلن وٽ ايس ايس پي سانگهڙ واقعي جي 48 ڪلاڪ بعد ڌرڻي واري هنڌ پهڇي متاثرن سان مطالبا معلوم ڪيا. مقتول جي وارثن ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو کي ٻڌايو ته اسان جي نوجوانن کي حملو ڪرائي بيدردي سان قتل ڪرائيندڙ ايم اين اي علاوءُالدين جو نالو ايف آئي آر شامل ڪرڻ سان گڏ قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي، تنهن تي ايس ايس پي سانگهڙ مقتولن جي وارثن کي جواب ڏيندي چيو ته مان بنا انويسٽگيشن جي ايم اين اي علاوالدين جو نالو شامل نه ڪندس ڇو ته حملي وقت هو سرزمين تي نه پر ڪراچي جي رهائشگاھ تي هو هن جو نالو ايف آءِ آر ۾ ڪئين شامل ڪريان.
ايس ايس پي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ بعد ڌرڻي مان واپس روانو ٿي ويو آهي واضع رهي ته چوٽياريو ٿاڻي حد ۾ قتل ٿي ويل جوڻيجا برادري ٽن ڄڻن جا مڙهه پريس ڪلب آڏو رکي ڌرڻو هڻي ويٺل آهي پر هن وقت تائين اصل قاتلن جي خلاف ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي نه وري ڪا گرفتاري ٿي آهي جڏهين ته هن وقت تائين مقتول جي وارثن پاران ڌرڻو جاري آهي اڄ ٽئين ڏينهن به چوٽياريون واقعي تي سانگهڙ شهر مڪمل طور بند آهي