سينيٽ اجلاس جي دوران پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ صحافين پيڪا ترميمي بل 2025 جي معاملي تي احتجاج ڪيو ۽ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.
سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، سينيٽ اجلاس ۾ معمول جي ڪارروائي جو عمل جاري رهيو پر پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ سينيٽرز طرفان احتجاج جاري رهيو، پي ٽي آءِ سينيٽرز پنهنجي سيٽن تي بيهي رهيا ۽ ڊيسڪون وڄائڻ شروع ڪري ڇڏيون، جڏهن ته اپوزيشن جي سينيٽرز طرفان پيڪا ايڪٽ نامنظور جي نعريبازي به ڪئي وئي.
انهي دوران وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ نجي ميمبرز بل جو ڏينهن آهي، اڄ پيڪا ترميمي بل ته ايجنڊا ۾ ئي شامل نه آهي جڏهن بل ايندو ته انهي تي ڳالهايو ويندو.
سينيٽ ۾ پيڪا ترميمي بل 2025 جي معاملي تي پي ٽي آءِ سينيٽرز اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويا جڏهن ته صحافي به ايوان مان احتجاج جي طور تي واڪ آئوٽ ڪري ويا.
ڊپٽي چيئرمين سينيٽر ڪامران مرتضيٰ کي هدايت ڪئي ته اهو وڃي صحافين جو معاملو ڏسي، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ايوان کي ٻڌايو ته صحافي چئي رهيا آهن اوهان حڪومت نه آهيو، اوهان پاڻ پيڪا بل جي مخالفت ڪري رهيا آهيو، هن چيو آهي ته حڪومت جي طرفان ڪوبه نمائندو اچي ڳالهيون ڪري.
ڊپٽي چيئرمين سيدال خان چيو ته مون سليم مانڊوي والا کي به چيو هو ته وڃي صحافين سان ڳالهايو. سينيٽ اجلاس ۾ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل تي سينيٽ جي گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ سينيٽر عمر فاروق پيش ڪئي.