اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني دنيا جو ڪرپٽ اڳواڻ ثابت ٿي ويو، دنيا سندس اصل چهرو ڏسي ورتو آهي.
رپورٽ موجب عطاءُالله تارڙ تڪ اين اي 127 جي يونين ڪائونسل 238 جي دوري دوران پنهنجي خطاب ۾ چيو هي چون ٿا ته هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس تي اپيل داخل ڪنداسين. هاڻ هنن جي مرضي آهي جتي وڃن هنن وٽ 190 ملين پائونڊ ڪيس جو ڪوبه جواب نه آهي.
وفاقي اطلاعات واري وزير چيو ته جهڙي طرح مون پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم کي چيلينج ڪيو ته ڪير به سامهون نه آيو، تاريخ ۾ سڀني کان وڏو 190 ملين پائونڊ جو ڌاڙو هنيو ويو.
هن چيو ته ڏوهارين کي سزا ملي آهي. برطانيه جي نيشنل ڪرائم ايجنسي(اين سي اي) پاڪستان کي پئسا واپس ڪيا ته هنن اهي پئسا پنهنجي کيسن ۾ وجهي ڇڏيا، ڌاڙي کان پوءِ چون ٿا ته اسان ته يونيورسٽي ۾ سيرت النبي جي تعليم ڏني، ٻڌايو ته صحيح ڪهڙو عالم اتي ديني تعليم ڏئي رهيو آهي؟
عطاءُالله تارڙ چيو ته هي ته مذهب ڪارڊ استعمال ڪري مذهب جي پٺيان لڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر هاڻ اوهان جي مٿان ٺپو لڳي چڪو آهي توهان هميشه ڌاڙيل رهندو ملڪ ۾ ورهاست جي بنياد اوهان وڌي. عطاءُالله تارڙ تڪ جي عوام سان خطاب ۾ چيو ته هن علائقي ۾ گيس جو مسئلو آهي انهي کي حل ڪنداسين عوام سان جيڪي چونڊن ۾ واعدا ڪيا، انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ آيا آهيون.