غزه ۾ جنگبندي معاهدي جي پهرين مرحلي تي عمل شروع ٿي ويو، فلسطينين جي پنهنجن گهرن ڏانهن واپسي شروع ٿي وئي آهي. حماس طرفان قيدين جي فهرست اسرائيل کي ڏني وئي.
عرب ميڊيا موجب اسرائيلي اختيارين طرفان قيدين جي فهرست ملڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. حماس جي ترجمان چيو ته جنگبندي جي پهرين ڏينهن 3 قيدي آزاد ڪيا ويندا. ٽيڪنيڪي مسئلن ۽ لاڳيتو اسرائيلي بمباري سبب فهرست جي فراهمي ۾ دير ٿي، بمباري جنگبندي معاهدي ۾ پريشانيون پيدا ڪري سگهي ٿي.
اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ 15 مهينا، 12 ڏينهن جنگبندي جي معاهدي تي تقريبن 3 ڪلاڪ جي دير کان پوءِ عمل شروع ٿي ويو، ڪجهه ڪلاڪن جي دير سبب اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 18 فلسطيني شهيد ۽ 36 زخمي ٿي پيا.
ڇهن هفتن تي ٻڌل جنگبندي جي شروعاتي مرحلي ۾ وچ غزه مان اسرائيلي فوج جي واپسي ۽ بي گهر فلسطينين جي اتر غزه ۾ واپسي شامل آهي. اهڙي معاهدي جي تحت غزه ۾ جنگبندي کان پوءِ روزانو 600 ٽرڪ انساني امداد جي اجازت ڏني ويندي. 50 ٽرڪ ٻارڻ جو تيل کڻي ويندا جڏهن ته 300 ٽرڪ اتر طرف مختص ڪيا ويندا جتي شهرين جون حالتون ڪافي خراب آهن.
اسرائيل طرفان غزه ۾ جنگبندي کان پوءِ فلسطيني شهرين پنهنجي تباهه ٿيل گهرن جور خ ڪري ورتو. قطري خابرو اداري موجب غزه جا تباهه ٿيل علائقا جيڪي ڪيترائي مهينن کان ملبي جو ڍير بڻيل هئا اتي هاڻ غزه جي رهواسين واپسي جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.