نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ليجنڊري ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ ڪامينٽيٽر سنيل گواسڪر پاڪستان کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ فيورٽ قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ سنيل گواسڪر چيوته گهرو ڪنڊيشن ۾ ڪنهن به ٽيم کي هارائڻ سولو ناهي هوندو، پاڪستان پنهنجي سرزمين تي ٻين ٽيمن لاءِ وڏو چئلينج هوندو.
سنيل گواسڪر وڌيڪ چيو ته پنهنجي هوم ڪنڊيشن ۾ پاڪستان چيمپيئنز ٽرافي کٽڻ لاءِ مضبوط اميدوار آهي.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ کيڏي ويندي.
ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون 23 فيبروري تي دبئي ۾ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1