مٽياري رپورٽ زبيراحمد ڪلھوڙو
سنڌي ادبي سنگت شاخ هالا پراڻا جي چونڊ گڏجاڻي
سنڌي ادبي سنگت هالا پراڻا جي چونڊ گڏجاڻي ضلع مٽياري جي رابطا سيڪريٽري ۽ چيرمين چونڊ ڪميٽي اداس سولنگي ۽ چونڊ ڪميٽيءَ جي ميمبرن سيد امداد علي شاھ بخاري سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ پليجاڻي فقير بلاول خشڪ سيڪريٽري سنڌي ادبي شاخ اڏيرولال اسٽيشن جي نگراني ۾
حاجي يار محمدصدر ٽرسٽ آفيس ھالا پراڻا ۾ ٿي گذري
جنهن ۾ اتفاق راء سان نئين سال لاء عھديدار منتخب ڪيا ويا جن ۾
سيڪريٽري ڪوثر هالائي
جوائنٽ سيڪريٽري محمد اسلم ڀٽو
خزانچي مخدوم آفتاب احمد ڀٽي
آڊيٽر آخوند عباس
ڪائونسلر امان الله صدر منتخب ڪيا ويا جڏهن ته ڪاروباري ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾
محمد حبيب سنائي
غلام علي ميمڻ
حيدر علي ميمڻ منتخب ڪيا ويا ان موقعي تي ڳالهائيندي اداس سولنگيءَ چيو ته هالا پراڻا سوز هالائي ۽ عرفان مھدي جو ڳوٺ ۽ هڪ تاريخي علمي ادبي ۽ تعليمي علاقو آهي سنڌي ادبي سنگت شاخ هالا پراڻا جا نئين سال لاء چونڊيل عهديدار سٺا سرجڻهار ۽ سينئر اديب آهن اميد ته هي شاخ نئين سال ۾ پنهنجي سرگرمين کي وڌائيندي گڏجاڻي ۾ سنڌي ادبي شاخ پليجاڻي جو باني ميمبر ۽ سينئر شاعر شوڪت علي ٻاٽي مبصر طور شريڪ ٿيو ،