مٽياري رپورٽ زبيراحمد ڪلھوڙو
ايم اين اي مخدوم جمیل الزمان جي صدارت هيٺ پيٽروليم سوشل ڊولپمينٽ ڪميٽي جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر ڪامپليڪس مٽياري ۾ ٿي جنهن ۾ پيٽروليم فنڊز عوامي ڀلائي جي مختلف رٿائن تي خرچ ڪرڻ لاء ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو جيڪا کليل ڪچهريون منعقد ڪري عوامي درخواستن جي بنياد تي رٿائن جي ڇنڊڇاڻ ڪري منصوبن جي نشاندهي ڪندي جيڪي پيٽروليم ڪميٽي جي ايندڙ گڏجاڻي ۾ منظور ڪيون وينديون، ايم اين اي مخدوم جميل الزمان پاران ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کي کليل ڪچهري جو شيڊول ۽ پبلڪ نوٽيس اخبارن ۾ جلد کان جلد ڇپائڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي.
گڏجاڻي ۾ صوبائي وزير بحالي مخدوم محبوب الزمان، سنڌ حڪومت جي ترجمان مخدوم فخر زمان، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل مٽياري مخدوم احمد زمان، ضلعي اندر ڪم ڪندڙ پيٽروليم ڪمپنين جي نمائندن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ پاران پيٽروليم فنڊز ۽ اسڪيمن بابت بريفنگ ڏني وئي. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هن مهل تائين پيٽروليم فنڊز مان ضلعي اندر ڪل 195 اسڪيمن مان 164 مڪمل ڪيون ويون آهن جڏهن ته 31 اسڪيمن تي ڪم جاري آهي جنهن ۾ مٽياري ۾ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ، پبلڪ پارڪ، اڏيرو لعل ۾ پبلڪ لائبريري ۽ ڪمپيوٽر سينٽر، مٽياري ۾ انڊور گيمز ڪامپليڪس سميت مختلف رٿائون شامل آهن.
بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مخدوم جميل الزمان چيو ته پيٽروليم فنڊز جي استعمال لاء جوڙيل قاعدن، ضابطن ۽ هاء ڪورٽ جي جي حڪمن مطابق وڌ ۾ وڌ عوامي ڀلائي جا منصوبا شروع ڪيا ويندا جنهن ۾ مٽياري شهر جي ڊرينيج جي ميگا رٿا سميت ڪيتائي منصوبا شامل آهن، پيٽروليم فنڊز مان مٽياري جي سرڪل روڊ جي ناقص ڪم بابت سوال تي ايم اين اي اي مخدوم جميل الزمان چيو ته ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کي ان جي جاچ لاء ھدايتون ڏنيون آهن، پيٽروليم فنڊز جي صاف شفاف استعمال سان گڏوگڏ ڪم جي معيار کي پڻ يقيني بڻايو ويندو.