تحریر/ مجاهد بوزدار سينيئر جرنلسٽس
دعوائون ته ڪيون وڃن ٿيون،پر جڏهن صحافي حقيقتون سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته انهن کي مختلف دٻاءَ ڌمڪين ۽ جسماني تشدد کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ڪيترن ئي صحافين کي انهن جي رپورٽنگ جي ڪري قتل ڪيو ويو پر افسوس سان گڏ حقيقت اها آهي ته انهن جا قاتل گهڻو ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آيا اهي مسئلا ميڊيا ورڪرز لاءِ ناانصافي ۽ خوف جو ماحول پيدا ڪن ٿا، جنهن سان انهن جي پيشه ور ذميوارين تي اثر پوي ٿو.پاڪستان ۾ ميڊيا کي درپيش چيلينجز ۽ صحافين جي تحفظ جا مسئلا هڪ عرصي کان زير بحث آهن ۽ موجوده حالتن انهن مسئلن کي وڌيڪ سنگين ڪري ڇڏيو آهي. صحافين جي قتل انهن جي قاتلن جي عدم گرفتاري ۽ حق ۽ سچ لکندڙن خلاف سازشون پاڪستان ۾ ميڊيا جي آزادي تي سنگين سوال اٿارين ٿيون اهڙي صورتحال ۾ 18 جنوري تي نوابشاهه ۾ ٿيندڙ جرنلسٽس ڪنوينشن هڪ تاريخي موقعو فراهم ڪري رهيو آهي جيڪو نه رڳو صحافين جي مشڪلاتن کي اجاگر ڪندو پرانهن جي حقن جي تحفظ لاءِ پختا قدم کڻڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪندو.نوابشاهه ۾ منعقده هي جرنلسٽس ڪنوينشن اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن صحافي برادري کي گڏيل ۽ اتحاد جي سخت ضرورت آهي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (PFUJ) جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ ۽ انهن جي ساٿين جي قيادت ۾ هي ڪنوينشن صحافين جي آواز کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.هي اجتماع صحافين جي حقن جي تحفظ ميڊيا تي حڪومت جي قدغنن جي خاتمي ۽ اظهارِ راءِ جي آزادي جي فروغ لاءِ اهم ثابت ٿيندو 18 جنوري تي نوابشاهه جي ايچ ايم خواجه آڊيٽوريم سڪرنڊ روڊ نوابشاهه ۾ ٿيندڙ هن تاريخي ڪنوينشن جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن سکر پريس ڪلب کان لالا اسد پٺاڻ جي قيادت ۾ سوين گاڏين تي ٻڌل قافلو روانو ٿيندو جنهن جو مختلف جڳهن تي شاندار استقبال ڪيو ويندو هي قافلو ببرلو باءِ پاس،راڻي پور ٽول پلازا،نوشهري فيروز ۽ قاضي احمد سميت ٻين هنڌن کان گذرندو نوابشاهه پهچندو جتي هڪ شاندار ريلي ذريعي قافلي کي پنڊال تائين پهچايو ويندو.گذريل رات سکر پريس ڪلب ۾ سکر پريس ڪلب ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس جي گڏيل اجلاس ۾ خطاب ڪندي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سيڪريٽري فنانس لالا اسد پٺاڻ چيو ته شهيد بينظير آباد يونين آف جرنلسٽس طرفان 18 جنوري تي ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ سکر،لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جا سوين قلم جا مزدور شرڪت ڪندا.هن چيو ته ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ ۽ اظهارِ راءِ جي آزادي لاءِ پوري طرح آواز اٿاريو ويندو لالا اسد پٺاڻ چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ميڊيا لاءِ حالتون ڪڏهن به آئيڊيل نه رهيون آهن هر دور ۾ حڪمرانن ميڊيا دشمن قانون متعارف ڪرايا ۽ صحافين کي دٻاءَ ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته PFUJ جمهوريت جي روايتن جي فروغ ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن ٻئي طرف سينيئر جرنلسٽ ۽ روهڙي پريس ڪلب جي صدر مجاهد بوزدار ان موقعي تي چيو ته PFUJ ۽ لالا اسد پٺاڻ جي قيادت ۾ صحافي برادري جي حقن لاءِ جاري جدوجهد قابلِ تعريف آهي هن چيو ته موجوده حالتن ۾ صحافين کي جيڪو دٻاءُ ۽ خطرن کي منهن ڏيڻو پيو اهڙي صورتحال ۾ هن ڪنوينشن جي اهميت وڌيڪ وڌي وڃي ٿي مجاهد بوزدار زور ڏنو ته صحافين کي پنهنجين صفن ۾ اتحاد قائم رکڻو پوندو ته جيئن ميڊيا جي آزادي ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ جاري تحريڪ کي ڪامياب بڻائي سگهجي هن PFUJ جي تاريخي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هي تنظيم هميشه صحافين جي حق ۾ سڀ کان مضبوط آوازرهي آهي مجاهد بوزدار وڌيڪ چيو ته پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جو ڪردارهميشه مثالي رهيو آهي هي تنظيم جمهوريت جي روايتن جي فروغ،قانون جي حڪمراني ۽ اظهارِ راءِ جي آزادي لاءِ هر دور ۾ جدوجهد ڪندي آئي آهي لالا اسد پٺاڻ ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا ورڪرزجي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ انتھائي ڪوششون ڪيون آهن جن کي هميشه يادرکيو ويندو.هن ڪنوينشن سان نه رڳو ميڊيا ورڪرزجي يڪجهتي ۾ اضافو ٿيندو پر صحافين جي تحفظ ۽ انهن جي حقن بابت پختا مطالبا به سامهون ايندا نوابشاهه ۾ ٿيندڙ هي جرنلسٽس ڪنوينشن پاڪستان جي صحافي برادري لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل ثابت ٿيندو جيڪو نه رڳو موجوده حالتن ۾ ميڊيا جي آزادي کي لاحق خطرن خلاف آواز اٿارڻ جو ذريعو بڻجندو پر صحافين کي انهن جي حقن جي تحفظ لاءِ هڪ منظم پليٽ فارم به فراهم ڪندو