تحریر/ روهڙي پريس ڪلب صدر، مجاهد بوزدار
روهڙي پريس ڪلب جي صدر مجاهد بوزدار چيو آهي ته 18 جنوري تي نوابشاهه ۾ ٿيندڙ جرنلسٽس ڪنوينشن سنڌ جي صحافتي تاريخ ۾ هڪ يادگار ايونٽ هوندو جيڪو نه رڳو سنڌ جي سمورن صحافين کي هڪ پليٽ فارم تي متحد ڪندو پرانهن جي مسئلن جي حل لاءِ نوان رخ پڻ متعارف ڪرائيندو هن چيو ته پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (PFUJ) جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ ڪنوينشن ۾ خاص طور شرڪت ڪندا ۽ صحافين کي درپيش چئلينجز انهن جي حقن جي تحفظ ۽ PFUJ طرفان کنيل قدمن بابت تفصيل سان خطاب ڪندا مجاهد بوزدار وڌيڪ چيو ته لالا اسد پٺاڻ جي قيادت ۾ PFUJ صحافين جي حقن جي حفاظت ۽ آزاديءِ صحافت لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي آهي هنن جي قيادت ۾ تنظيم صحافين لاءِ هڪ مضبوط پليٽ فارم بڻجي چڪي آهي جتي انهن جي حقن جي حفاظت ۽ مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کنيا ويا آهن. لالا اسد پٺاڻ جي جرئت ۽ عزم صحافين کي اهو حوصلو ۽ اعتماد ڏنو آهي جنهن سان اهي هر ڏکئي وقت ۾ پنهنجي جدوجهد جاري رکي سگهن ٿا PFUJ هنن جي قيادت ۾ هميشه صحافين جي حقن جو دفاع ڪيو آهي ۽ آزاديءِ صحافت لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي آهي روهڙي پريس ڪلب جي صدر ٻڌايو ته 18 جنوري تي نوابشاهه ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن جي موقعي تي لالا اسد پٺاڻ جو قافلو جڏهن سکر کان نوابشاهه تائين سفر ڪندو، ته رستي ۾ هر شهر ۾ انهن جو شانداراستقبال ڪيو ويندو انهن جي قافلي تي گلن جي ورکا ڪئي ويندي ۽ صحافين جي محبت ۽ عقيدت جو اهڃاڻ پيش ڪيو ويندو هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ جي اندروني علائقن ۽ ننڍن وڏن شهرن مان صحافي قافلن جي صورت ۾ نوابشاهه پهچندا، جتي لالا اسد پٺاڻ جو هڪ يادگار ۽ تاريخي استقبال ڪيو ويندو مجاهد بوزدار قائد صحافت افضل بٽ جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته افضل بٽ پنهنجي دورِ صدارت ۾ PFUJ کي هڪ مضبوط ۽ متحرڪ تنظيم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن صحافين جي حقن، آزاديءِ صحافت جي بقا ۽ صحافين جي ڀلائي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. افضل بٽ هميشه صحافين جي لاءِ هڪ راهبر ۽ اڳواڻ جي حيثيت ۾ موجود رهيا آهن، جن جي قيادت ۾ صحافين کي منظم ڪرڻ ۽ انهن جي حقن جي حفاظت لاءِ وڏا قدم کنيا ويا آهن نوابشاهه ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ سنڌ ڀرسان صحافي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. هن موقعي تي لالا اسد پٺاڻ جي خاص خطاب سان صحافين کي سندن حقن،درپيش چئلينجز ۽ انهن جي حل لاءِ هڪ واضح ۽ اثرائتي حڪمت عملي تي رهنمائي ڏني ويندي مجاهد بوزداروڌيڪ چيو هي ڪنوينشن نه رڳو صحافين جي اتحاد ۽ يڪجهتيءَ جي علامت هوندو پر انهن جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ نئين شروعات پڻ ثابت ٿيندو اسان سمورن صحافين کي هن تاريخي ايونٽ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيون ٿا ته جيئن هو پنهنجي حقن لاءِ گڏيل آواز اٿاري سگهن ۽ مضبوط جدوجهد جي شروعات ڪري سگهن لالا اسد پٺاڻ جي قيادت ۾ ٿيندڙ هي ڪنوينشن صحافت جي آزادي، صحافين جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل طور ياد ڪيو ويندو
روهڙي پريس ڪلب جي صدر مجاهد بوزدار چيو آهي ته 18 جنوري تي نوابشاهه ۾ ٿيندڙ جرنلسٽس ڪنوينشن سنڌ جي صحافتي تاريخ ۾ هڪ يادگار ايونٽ هوندو

خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1
Leave a comment