دفاع واري وزير خواجه آصف افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير جي بيان تي سخت رد عمل ڏيندي سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ دفاع واري وزير چيو ته افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير جا الزام پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
هن چيو ته يو اين مانيٽرنگ ٽيم جي رپورٽ موجب افغانستان ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي، القاعده، داعش سميت 2 درجن کان وڌيڪ دهشتگرد گروپ آپريٽ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته افغانستان 2024 ۾ داعش جي ڀرتين ۽ سهولتڪاري جو مرڪز رهيو آهي.
خواجه آصف چيو ته عبوري افغان اختيارين دهشتگردي جي بنيادي ڍانچي ۽ افغان زمين کي ٻين ملڪن جي خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1