پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي کي باني چيئرمين عمران خان سان ملاقات جي اجازت ملي وئي آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي اڄ عمران خان سان ملاقات ڪندي. ذريعن موجب ڳالهين واري ڪميٽي اڄ ڏينهن جو 2 وڳي تائين پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪندي.
انهي حوالي سان پي ٽي آءِ ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر علامه راجه ناصر عباس نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اميد آهي ته سرويلنس کان پاڪ ماحول ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرائي ويندي.
علامه راجه ناصر عباس چيو ته پوئين ڀيري وياسين ته ڏيڍ ڪلاڪ ملاقات لاءِ انتظار ڪندا رهياسين هن وقت ملاقات اهم آهي ۽ مناسب جڳهه تي ٿيڻ گهرجي، ملاقات جي لاءِ جيترو مناسب وقت هوندو اوترو ئي ڳالهيون مڪمل ٿي سگهنديون. تحريڪ انصاف جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر چيو ته حڪومت کي تنگ نظرئي جي بجاءِ وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.